ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي مختلف کاتن ۾ سيڪشن آفيسرن جو بحران برقرار، 200 کان وڌيڪ پوسٽون خالي پيل! سروسز کاتي جي اختيارين آفيسرن جي کوٽ بابت تفصيل چيف سيڪريٽري حوالي ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسرن جي کوٽ برقرار آهي، اهڙي صورتحال سبب کاتن جو وهنوار متاثر ٿيڻ سبب سروسز کاتي جي اختيارين سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھ کي تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن، چيف سيڪريٽري کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته تازو صوبائي مينيجمينٽ سروس (پي ايم ايس ) ڪيڊر جي 120 سيڪشن آفيسرن جي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مختلف کاتن ۾ سيڪشن آفيسر طور مقررين باوجود سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسرن جي کوٽ ختم ٿي ناهي سگھي، سروسز اختيارين وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته صحت، تعليم، آبپاشي، مڪاني ادارن، گھرو کاتي، ناڻي کاتي، راندين واري کاتي، بحالي واري کاتي، ثقافت ۽ سياحت، زراعت، خوراڪ، بهبود آبادي، ڪاليج ايجوڪيشن، جنرل ايڊمنسٽريشن سميت عملدرآمد ۽ ورڪس اينڊ سروس کاتي توڙي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ توڙي ٻين سرڪاري کاتن ۾ سيڪشن آفيسرن جون 200 کان وڌيڪ جايون خالي پيل آهن، سروسز کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اختيارين پاران چيف سيڪريٽري کي اها سفارش به ڪئي وئي آهي ته 3 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ساڳين پوسٽن تي مقرر ڪامورن جون بدليون ڪرڻ وارو معاملو في الحال روڪيو وڃي، جيئن وهنوار رولڙي کان بچي سگھي.