اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن سبب امڪاني ٻوڏ جي صورتحال جي پاڻ نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اين ڊي ايم کي هدايت ڪئي ته سمورن صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن سان سهڪار کي يقيني بڻائي، وزير اعظم شهباز شريف چيو ته درياهن ۽ واهن جي ڀرپاسي رهندڙ هارين ۽ ماڻهن کي روزاني جي بنياد تي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن ذريعي اڳواٽ اطلاع ڏنو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ برساتن ۽ ٻوڏ بابت اجلاس ٿيو،بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته جولاءِ جي پهرين ۽ ٻئي هفتي ۾ چئني صوبن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، هن سال برساتون پاڪستان ۾ ڏکڻ، اوڀر کان اتر طرف هلنديون. جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پوٽوهار ۽ پنجاب جي مشرقي حصي ۾ برسات جو امڪان آهي، ٻئي هفتي ۾ راولپنڊي، سرگوڌا، گوجرانوالا، لاهور ۽ فيصل آباد، بهاولپور، ملتان، ساهيوال ۽ ڊيرا غازي خان ڊويزنن ۾ برسات جو امڪان آهي، آگسٽ جي پهرين ٻن هفتن ۾ ستلج، چناب ۽ راوي ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو امڪان آهي. سنڌ ۾ جولاءِ جي ٻئي ۽ چوٿين هفتي ڪراچي، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، ٿرپارڪر، بدين ٺٽي ۽ عمرڪوٽ ۾ آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ به  برساتن جو امڪان آهي. آگسٽ جي پهرين ٻن هفتن ۾ سنڌ بلوچستان جي ساحلي ۽ سرحدي علائقن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته سڄي ملڪ ۾ ٻيڙين، خيمن، پاڻي جي نيڪال لاءِ پمپ، دوائون ۽ ٻين ضروري شين جو مناسب ذخيرو رکيو ويو آهي، ريسڪيو ايجنسيون، پي ڊي ايم ايز، پاڪ فوج جا دستا ۽ اين ڊي ايم اي مسلسل متاثر علائقن ۾ هاءِ الرٽ آهن. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز پلان آف ايڪشن ۽ ان حوالي سان ڪنهن به هنگامي صورتحال تي بريفنگ ڏني.