ڪشمور/ گڊو (نمائندن وٽان) ڪشمور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ڪشمور جي آفيس پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان سنڌ دشمن آهي، وفاقي وزير، اٽارني جنرل به ايم ڪيو ايم جو آهي، ايم ڪيو ايم قسم کنيو آهي ته سنڌين سان ڪڏهن گڏ ناهي ٿيڻو .افغانين کي پاڪستان آندو ويو ته سڌو سنڌ ۾ ايندا سنڌ برمين بنگالين افغانين ۽ ٻين لاءِ بين الاقوامي يتيم خانو آهي ڪراچي ۾ ٻين ملڪن جي لوڌ جي ڪري سنڌ واسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن افغانين جي پاڪستان اچڻ سان تمام خراب نتيجا نڪرندا .سنڌ سرڪار ۾ لڇڻ ناهن ته افغانين کي سنڌ جي بارڊر تي روڪي سگھجي.هوڏانهن ڄام فتح سميجو پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز گڊو جي رپورٽر سان سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي. ڄام فتح سميجو جو چوڻ هو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، سنڌ جي پاڻي تي وفاقي ۽ پنجاب جي گورنمينٽ ڌاڙو هڻي رھي آھي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه مليو ته ٻيھر سخت احتجاج ڪيو ويندو . پنجاب جا تعليمي ادارا کليل آهن سنڌ حڪومت پنهنجو ناٽڪ بند ڪري. سنڌ حڪومت پنهنجي سرحدن تي سخت نگراني ڪري آءُ قوم پرست پارٽين کي گذارش ڪندس ته اھي پنهنجي ڪارڪن کي حڪم جاري ڪن ته اھي به پنهنجي سرحدن جي مالڪي ڪن، ورڪشاپ جي سينيئر صحافي پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر غلام قادر شر مٿان ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو