سنڌ سرڪار پاران عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽس جي فراهمي جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

0
12
سنڌ سرڪار پاران عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽس جي فراهمي جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌ سرڪار پاران عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽس جي فراهمي جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار پاران عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽس جي فراهمي جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽس جاري ڪرڻ وارو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 ايڪسائيز کاتي پاران پريميئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ لاءِ مخصوص آفيس قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو

شرجيل ميمڻ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پريميئر نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو پهريون مرحلو ڪامياب رهيو ۽ عوام پاران ڀرپور موٽ ڏني وئي، صوبائي وزير رجسٽريشن واري عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ  جون هدايتون به جاري ڪيون

 ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو گاڏين جي خصوصي نمبر پليٽس جي نيلامي ڪرائي وئي هئي، سڀ کان وڌيڪ مهانگي نمبر پليٽ 10 ڪروڙ روپين ۾ نيلام ٿي هئي