ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جا 2 وزير ٻئي ڏينهن به بحريا ٽائون پهچي ويا، بلڊر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري نقصان جا تفصيل ورتا ويا. ان ڏس ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاھ ۽ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ڪالهه بحريا ٽائون پهچي بلڊرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ناصر شاھ چيو ته سيڪيورٽي ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، ڪنهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين. احتجاج ڪندڙن اسان کي يقين ڏياريو هو ته پرامن احتجاج ڪنداسين پر هتي ڀڃ ڊاھ ڪري باھ لڳائي وئي. هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي بحريا ٽائون پهچي جائزو ورتو آهي، سنڌ حڪومت هتي ٿيل نقصان جو ازالو ڪندي. وزيراعليٰ به انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا ڪڏهن به نه چاهيندي ته ان قسم جو واقعو ٿئي، ڪٿان نه ڪٿان سيڪيورٽي بريڪ ٿي آهي؟ وزيراعليٰ سيڪيورٽي ليپس ٿيڻ جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته کوڙ ماڻهو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪن پيا. ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارا الزام لڳائين پيا ته جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو پيپلز پارٽي ڪرايو آهي. صوبائي وزير سعيد غني ڳالهائيندي چيو ته بحريا واقعو افسوسناڪ آهي، جيڪي ماڻهو اندر داخل ٿيا، انهن کي اندر داخل ٿيڻ جو ڪو حق نه هو، بحريا ٽائون ۾ 80 سيڪڙو سنڌي رهائش پذير آهن. بحريا ٽائون کي اشو بڻائي ڪراچي شهر جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس بروقت ڪارروائي ڪري گھڻو نقصان ٿيڻ نه ڏنو. بحريا جا ماڻهو بي قصور آهن، انهن جي نقصان جو ازالو ڪنداسين.