سنڌ سرڪار مڪاني قانون ۾ وڌيڪ ترميمن تي راضي: ڪاميٽي قائم : جماعت اسلامي جو ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار

0
150
سنڌ سرڪار مڪاني قانون ۾ وڌيڪ ترميمن تي راضي
سنڌ سرڪار مڪاني قانون ۾ وڌيڪ ترميمن تي راضي

ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ سرڪار مڪاني ادارن واري ترميمي ايڪٽ 2021ع ۾ وڌيڪ ترميمون ڪرڻ تي راضي،صوبائي وزيرن جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ پهچي ڳالهين بعد ڪاميٽي قائم ڪري ورتي، جماعت اسلامي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،

ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو جماعت اسلامي پاران مڪاني ادارن واري ترميمي قانون خلاف گذريل 10 ڏينهن کان جاري ڌرڻي ۾ رات دير سان سنڌ حڪومت جو وفد پهتو، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ پهتل وفد ۾ ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي شامل هئا، جن جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهين ۾  موجوده مڪاني قانون ۾ وڌيڪ ترميمن لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته اسان جماعت اسلامي جي دوستن کي احتجاج ختم ڪرڻ جي درخواست ڪريون ٿا،

اسيبلي پاران پاس ڪيل بلدياتي قانون ڪو صحيفو ناهي، جنهن ۾ ترميم نٿي ٿي ڪري سگهجي، جماعت اسلامي وارا ڌرڻو ختم ڪري ڳالهيون ڪن ۽ پنهنجون تجويزون ڏين، اسان جي جوڙيل ڪاميٽي روزاني گڏجاڻي ڪندي، ضرورت پوڻ ته قانون ۾ ترميمون ڪري سگهجن ٿيون، هن چيو ته اسان عوامي بهتري لاءِ 2013ع ۾ واري قانون ۾ ترميمون ڪيون  ڪيون هيون، اسان اڳ ۾ جماعت اسلامي جي قيادت سان ڪيل ملاقات ۾ سندن ڪيتريون تجويزون  مڪاني ايڪٽ ۾ شامل ڪيون آهن،

هاڻ به  گڏجي ويهي مڪاني قانون تي وڌيڪ نظرثاني ڪنداسين. جڏهن ته جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪارڪنن کان ڌرڻو ختم ڪرڻ بابت سوال ڪيو ته ڇا ڌرڻو ختم ڪجي؟  جنهن تي ڪارڪنن ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جا نعرا هنيا، جنهن بعد ڪارڪنن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پ پ حڪومت جي مثبت قدم جي آجيان ڪريون ٿا پر ڌرڻو رڳو ڳالهين ذريعي ختم نه ڪنداسين، هن چيو ته 2013ع واري مڪاني قانون ۾ به ميئر کان  ڪيترا اختيار کسيا ويا،  مجوده ترميمي قانون ۾ به ميئر کي بي اختيار ڪيو ويو آهي، اسين چاهيون ٿا ته اختيار هيٺيئن سطح تائين منتقل ڪيا وڃن. انهي ڪري مڪاني قانون ۾ ترميمون  ڪيون وڃن ، هن اعلان ڪيو ته ڌرڻو جاري رهندو.