ڪراچي: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي قيادت ڌرڻي دوران قراردادن ذريعي سنڌ حڪومت کي سنڌ جي زمينن ۽ قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام قرار ڏيندي حڪومت کان استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي، ڪاميٽي پاران بحريا ٽائون ڪراچي کي غير قانوني طور سنڌ جي زمين ڏيڻ واري عمل خلاف سپريم ڪورٽ جي 4 مئي 2018ع واري ڏنل فيصلي تي عمل جو مطالبو ڪندي گھُر ڪئي وئي ته ملير ضلعي جي 43 ۽ اولهه ضلعي جي 16 ديھن کي ملير ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽين جي ڪنٽرول کان آجو ڪيو وڃي، ڪاميٽي موجب بحريا ٽائون خلاف احتجاج سنڌ حڪومت خلاف عوامي ريفرنڊم آھي، سنڌ حڪومت صوبي جي جي زمينن ۽ قومي مفادن جي تحفظ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. ان ڪري پيپلز پارٽي جي حڪومت کي فوري طور استعيفا ڏيڻ گھرجي. بحريا ٽائون ڪراچي کي غير قانوني طور سنڌ جي زمين ڏيڻ واري عمل خلاف سپريم ڪورٽ جي 4 مئي 2018ع واري ڏنل فيصلي تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي. بحريا ٽائون ڪراچي کي غيرقانوني طور زمين الاٽ ڪرڻ ۾ ملوث قرار ڏنل سڀني ڪامورن ۽ سياسي اڳواڻن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. بحريا ٽائون خلاف سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي سر زمين جو قانوني طور تحفظ ڪرڻ بجاءِ ڄاڻي واڻي بحريا ٽائون جي مفادن جي لاءِ دليل ڏيندڙ وڪيلن اعتزاز احسن، فاروق ايڇ نائڪ، رشيد اي رضوي ۽ بيرسٽر ضمير گهمرو کي سنڌ جو قومي ڏوھاري قرار ڏيون ٿا، سنڌ جي زمين بحريا ٽائون ڪراچي کي غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ ۾ وڏي وزير، روينيو واري وزير ۽ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر کي ذميوار سمجھون ٿا، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن قديمي ڳوٺن کي قانوني تحفظ فراهم ڪندي اتان جي رهواسين کي گهرن جي الاٽمينٽ ڪري کين مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل 2013ع کي ختم ڪري ڪراچي جي زمين جي اصلي حيثيت بحال ڪئي وڃي. قرارداد ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته ملير جي 43 ۽ اولهه ضلعي جي 16 ديھن کي ملير ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڪنٽرول کان آجو ڪيو وڃي.