ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ ملازمن  جي ڀرتين بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ قانون واري صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سرڪاري نوڪرين بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي تي عمل ڪندي، اها  عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل نه ڪندي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ آگسٽ 2023 جي اشتهارن تحت ٿيندڙ 54 هزار ڀرتين کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو، عدالت ڀرتين لاءِ ٻيهر اشتهار ڏئي امتحان ذريعي ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو.