سنڌ حڪومت روٽيشن پاليسي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

0
219
سنڌ حڪومت روٽيشن پاليسي
سنڌ حڪومت روٽيشن پاليسي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار پاران پاڪستان ايڊمنسٽريشن سروس (ڊي ايم جي)  آفيسرن جي سنڌ ۾ مقرري واري  ڪوٽا گهٽائڻ ۽ روٽيشن پاليسي تحت پي ايس پي آفيسرن جون خدمتون وفاق ۽ ٻين صوبن حوالي ڪرڻ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

 درخواست سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه ايڊووڪيٽ جنرل ذريعي داخل ڪرائي آهي. درخواست ۾ سنڌ پوليس جي ڊي آء جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽرين کي اسلام آباد ۽ ٻين صوبن ڏانهن بدلين کي روڪڻ جي پڻ گذارش ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي آفيسرن جي سنڌ ۾ مقرري لاء ڪوٽا گهٽائڻ قانون جي خلاف آهي، سنڌ ۾ اڳي ئي سينيئر آفيسرن جي کوٽ آهي

  وفاق پاران ڪوٽا گهٽائڻ سان سنڌ ۾  انتظامي معاملا هلائڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي. اهڙي صورتحال ۾ وفاق روٽيشن پاليسي جي آڙ ۾  سنڌ پوليس ۾ مقرر پي ايس پي گروپ جي ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سطح جي آفيسرن جون خدمتون واپس وٺي کين ٻين صوبن ۾ مقرر ڪرڻ به قانون جي خلاف آهي

پوليس آفيسرن جون خدمتون واپس وٺڻ سان امن امان جو قيام متاثر ٿيندو. درخواست ۾  وفاقي سرڪار پاران پي اي ايس  گروپ جي  آفيسرن جي ڪوٽا گهٽائڻ ۽ روٽيشن پاليسي تحت  پي اي ايس ۽ پي ايس پي آفيسرن جي وفاق ۽ ٻين صوبن ڏانهن بدلين کي قانون جي خلاف قرار ڏيڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي