ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ متبادل توانائي ۾سيڙپڪاري لاءِ روڊ شو ،صوبي جون 26 اسپتالون سولر انرجي تي منتقل، روڊ شو کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر سھيل راجپوت چيو ته سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ سان گڏجي 100 ارب جي لاڳت سان 10 ضلعن ۾ 2 لک گهرن کي سولر انرجي فراهم ڪري رهي آهي ، هن وقت تائين صوبي جي 26 اسپتالن کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آهي، ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ ۾ متبادل توانائي جا وسيع موقعا موجود آهن، سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جا ڀرپور موقعا فراهم ڪندي، چيف سيڪريٽري چيو تھ جھمپير ونڊ ڪوريڊور 55000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هن وقت اتان رڳو  2 هزار ميگ واٽ بجلي حاصل ڪئي پئي وڃي، روڊ شو ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل، سولر انرجي جا ماڊل پيش ڪيا ويا،