ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه نئين مالي سال 23-2022ع جي33.848 اربن جي کوٽ واري 1713 ارب رپين جي  بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، صوبائي حڪومت جون مجموعي وصوليون 1679734.8  ۽ خرچ  1731583.1 ارب رپيا هوندو، صوبائي سرڪار جي ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ، ڪو به   نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو ، سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي  وزيراعليٰ چيو ته محصولات (ٽيڪس) جون وصوليون 1679734.8 ارب رپيا ھونديون، جنھن ۾ 1.055 ارب رپيا وفاقي منتقلي، 374.5 ارب رپيا صوبائي وصوليون (167.5 ارب رپيا صوبائي ٽيڪس وصوليون ،جن ۾ سروسز تي جي ايس ٽي، 180 ارب رپيا، سروسز تي صوبائي سيلز ٽيڪس ۽ 27000 ملين صوبائي نان ٽيڪس وصولي)، 51132.8 ملين رپيا موجوده ڪيپيٽل وصولي، 51132.8 ملين رپيا ڪرنٽ ڪيپيٽل وصولي ، 105567.5 ملين رپيا ٻين ٽرانسفرز جھڙوڪ پرڏيھي پراجيڪٽ امداد، وفاقي گرانٽس، پرڏيھي گرانٽس ۽ 20000 ملين رپيا ڪيش بيلنس ۽ صوبي جا پبلڪ اڪائونٽس شامل آھن. ھن چيو تھ صوبائي ٽيڪس گڏ ڪندڙ ادارن سنڌ روينيو بورڊ کي صوبائي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي جو 180 ارب ، ايڪسائيز  کاتي کي 1.20 ارب ۽ بورڊ آف روينيو 30 ارب رپيا وصولين جو ھدف ڏنو ويو آھي، صوبائي حڪومت ھلندڙ مالي سال جي 11 مھينن (جولاءِ کان مئي) ۾ 732 ارب جي ٽارگيٽ بدران 716 ارب رپيا وصول ڪيا آھن، جيڪي 16 ارب رپين جي گھٽتائي کي ظاھر ڪري رھيا آھن. وڏي وزير چيو تھ ايندڙ مالي سال ۾ روينيو خرچ 1199445.4 ملين ، سيڙپڪاري جا خرچ 54.48 ارب ۽ ترقياتي پورٽ فوليو 459.65 ارب رپيا ھوندو، جنھن ۾ 332.165 ارب رپيا صوبائي اي ڊي پي، 30 ارب رپيا ضلعي اي ڊي پي ۽ 91.467 ارب فارن اسسٽنس پروجيڪٽ (ايف اي پي) ۽ 6.02 ارب رپيا وفاقي گرانٽس شامل آھن. وزيراعليٰ سالياني ترقياتي پروگرام( اي ڊي پي) تي ڳالهائيندي چيو ته 332.165 اربن جي صوبائي اي ڊي پي ۾ 4158 اسڪيمون شامل آهن،  جن ۾ 2506 ھلندڙ ۽ 1652 نيون اسڪيمون شامل آھن. هن وڌيڪ چيو ته 2506 ھلندڙ اسڪيمن لاءِ 76 سيڪڙو فنڊز يعني 253.146 ارب رپيا ۽ 1652 نئين اسڪيمن لاءِ 24 سيڪڙو فنڊ يعني 79.019 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.وڏي وزير اعلان ڪيو ته ايندڙ مالي سال ۾ 1510 اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون. سنڌ جي وڏي وزير غريبن لاءِ 26.850 ارب رپين جو سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام واري پيڪيج ( سوشل سيڪيورٽي پيڪيج) جو اعلان ڪندي چيو ته صوبائي سرڪار جي ملازمن جي ايڊهاڪ رليف الائونس 2016، 2017، 2018، 2019 ۽ 2021 کي وفاقي  طرز تي ضم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته  بنيادي پگهار اسڪيل 2022 ع تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، ھن پهرين جولاءِ 2022ع کان سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهارن ۾15 سيڪڙو (ايڊهاڪ رليف الائونس) واڌ جو اعلان ڪيو آهي، هن چيو ته گريڊ 1 کان 16 جي سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهار جو 33 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي سرڪاري ملازمن کي 30 سيڪڙو  ڊسپيرٽي الائونس  ڏنو ويندو، جڏهن ته 2013، 2015، 2016، 2017، 2018، 2019، 2020 ۽ 2021 وارا رليف الائونس پھرين جولاءِ 2022 کان ختم ڪيا ويندا پينشن بابت وڏي وزير چيو ته سنڌ  جي پينشنرز کي پهرين جولاءِ 2022ع تائين وفاقي حڪومت جي پينشنرن جي ڀيٽ ۾ 22.5 سيڪڙو اضافي ملي رهيو آهي، سنڌ حڪومت پهرين جولاءِ 2022ع کان پينشنرن جي پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪري رھي آھي. وڏي وزير چيو تھ جيڪڏھن ٻين صوبن جي ملازمن جون پگھارون وڌيڪ وڌايون ويون تھ سنڌ حڪومت پڻ واڌ ڪندي. وڏي وزير پوليس ڪانسٽيبل کي گريڊ 5 مان گريڊ 7 ۾ اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.وڏي وزير  بجيٽ  تقرير ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ستن ضلعن ڪورنگي، ڪراچي اولهه، ڪياماڙي، ملير، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ سجاول ۾ ھڪ ھڪ مڪمل يونيورسٽي يا ھڪ تسليم ٿيل سرڪاري يونيورسٽي جو ڪيمپس قائم ڪرڻ واري پاليسي تيار ڪئي آھي. ڪورنگي ۾ ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪلز، ووڪيشنل/انڊسٽريل ڊولپمينٽ يونيورسٽي هوندي، جڏهن ته ڪراچي اولھھ ۽ ڪياماڙي ۾ ان يونيورسٽي جا ذيلي ڪيمپس هوندا. ملير ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جو سب ڪيمپس هوندو. اهڙي طرح ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار کي آءِ بي اي ڪراچي يا آءِ بي اي سکر جا سب ڪيمپس ڏنا ويندا،  سجاول ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو سب ڪيمپس ھوندو.آبپاشي ۽ زراعت بابت وزيراعلي  چيو ته ايندڙ مالي سال 23-2022 لاءِ آبپاشي کاتي جي بجيٽ 21.231 ارب مان وڌائي 24.091 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. اي ڊي پي 23-2022 ۾ زراعت ۽ آبپاشي کاتن لاءِ 36.2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.