ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي 100 هاءِ اسڪولن کي اپ گريڊ ڪري هائر سيڪنڊري اسڪول ( انٽر تائين) ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت چيو ته سمورن اپگريڊ ڪيل اسڪولن ۾ 12 هين ڪلاس تائين تعليم ڏني ويندي، عدالت اسڪولن جي اپ گريڊيشن بابت پلاننگ کاتي جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته تعليم کاتو هاءِ اسڪولن جي  اپ گريڊيشن جي سمري ٻن ڏينهن ۾ پلاننگ کاتي کي اماڻي، جڏهن ته پلاننگ کاتو سمري تي 10 ڏينهن ۾ ڪم مڪمل ڪري ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کي اماڻي، عدالت ناڻي واري سيڪريٽري کي 15 ڏينهن ۾ اسڪولن جي اپگريڊيشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،  جسٽس صلاح الدين پنهور اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انتظامي عهدن تي مقرر استادن (پرنسپالن، وائيس پرنسپالن، هيڊماسترن، فرسٽ اسٽنٽن ( ايف اي) ۽ چيئرمينن   کي پڻ هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڪلاس وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته استادن جو اصل ڪم پڙهائڻ آهي، پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انتظامي عهدن سان گڏ شاگردن کي پڙهائڻ جو عمل به جاري رکن، عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.