ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ  ميڊيا سان ڪجهه وڊيوز ڪلپس  شيئر  ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اهي وڊيوز نوابشاهه  ضلعي جي شهر بالو جا قبا ۾ سنڌ جي ٽائون آفيسرن جي ٿيل پول پارٽي جون آهن، اهاپارٽي ٽائون آفيسر زرداري برادرز پاران 20 جون تي رکي وئي هئي، انهي پارٽي ۾ رات جو 12 وڳي کانپوءِ ڇا ٿيو؟ انهي جون وڊيوز ايتريون ته غير اخلاقي آهن جو شيئر به نٿو ڪري سگهان، ڪالهه سنڌ اسمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي کي 1020 ارب رپيا مليا آهن، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ 227 ارب جي بي قاعدگين جي نشاندهي ٿيل آهي، باقي بجيٽ به هڙپ ٿي، ڪراچي ۾ تازو پيل برساتن شهر کي ٻوڙي ڇڏيو پر انتظاميا ڪٿي به نظر نه آئي،  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي نالن جي صفائي لاءِ رڳو 35 ارب رپيا جاري ڪيا، جن مان گجر ، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي  صفائي ٿي، گذريل سال اتان پاڻي بهتر نموني نڪري ويو، هن چيو ته تازين برساتن ۾ ڪراچي سميت سنڌ جا سمورا شهر ٻڏي ويا، هن چيو ته سنڌ سرڪار ڊرينيج جي بهتري لاءِ جون مهيني ۾ مڪاني ادارن کي پئسا رليز ٿيا ته ٽائون آفيسرن پاران بالو جا قبا ۾ پارٽي رکي لکين رپيا اڏايا ويا، آئون  مطالبو ٿو ڪريان ته انهي پول پارٽي جي اينٽي ڪرپشن کان جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته منهنجي خلاف ڀلي اينٽي ڪرپشن کي استعمال ڪري ڪوڙا ڪيس ٺاهيا وڃن پر ڪرپٽ آفيسرن خلاف به جاچ ڪرائي، ان حوالي سان آئون وزيراعليٰ،چيف سيڪريٽري سميت ٻين ادارن کي به خط لکندس، جيڪڏهن سنڌ سرڪار انڪوائري نه ڪرائي ته عدالت ۾ ويندس. حليم عادل شيخ  پريس ڪانفرنس ۾ پول پارٽي ۾ شريڪ ٽائون آفيسرن جا نالا  ظاهر ڪندي چيو ته ڄام صاحب جو ٽائون آفيسر محمد لائق زرداري، ٽنڊي محمد خان جو نور احمد زرداري، سرهاڙي جو غلام رضا زرداري نوابشاه ضلعي جا امير علي زرداري، ڪاشف حيدر زرداري ۽ نور محمد زرداري ميزباني جا فرض انجام ڏئي رهيا هئا، جڏهن ته جهڏي جو ٽائون آفيسر گوهر ڦلپوٽو، ڀان سيد آباد جو امتياز راهپوٽو، نصرپور جو  فياض راهپوٽو، ضلعي ڪائونسل ڄامشوري جو خليفو راهپوٽو، محراب پور جو يوسف شيخ ۽ دولتپور جو وليد شورو ۽ ٻيا مهمان طور شريڪ ٿيا.