ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ گذرا الائونس جي هڪ لک مستحقن جي نئين سِر بايو ميٽرڪ وارو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو، ناڻي کاتي  جي اختيارين پاران نادرا کي رقم جاري نه ڪرڻ سبب 9 مهينن کان بايو ميٽرڪ وارو ڪم رُڪيل، هڪ لک مستحق 8 مهينن کان وظيفي کان محروم، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ناڻي کاتي جي ڪامورن جي غفلت سبب سنڌ حڪومت جي زڪوات کاتي ۾ 6 ماهي گذارا الائونس لاءِ رجسٽرڊ هڪ لک مستحقن کي 8 مهينن کان وظيفو ملي ناهي سگھيو. جنهن ڪري مستحق پريشان آهن، گذارا الائونس وارا ڪارڊ مبينا طور  غلط ماڻهن جي هٿن ۾ هجڻ وارين شڪايتن کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران هڪ سال اڳ ڪارڊرکندڙ رجسٽرڊ مستحقن جي بايو ميٽرڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن جي سنڌ جي وڏي وزير به منظوري ڏني هئي. ان ڏس ۾ ناڻي کاتي جي اختيارين کي به لکيو ويو هو ته نادرا سان بايو ميٽرڪ واري معاملي تي ٿيل معاهدي واري رقم کين جاري ڪئي وڃي پر اڃا تائين ناڻي کاتي پاران نادرا کي رقم جاري ناهي ڪئي، جنهن ڪري بايوميٽرڪ نه ٿي سگھي آهي. انهي ڪري بايو ميٽرڪ نه ٿيڻ ڪري مستحقن کي ملندڙ وظيفو به بند پيل آهي. ان حوالي سان زڪوات کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته مستحقن جي بايو ميٽرڪ وارو ڪم هلي پيو، جلد مستحقن کي وظيفي واري رهيل رقم جاري ڪئي ويندي.