ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي مڪاني ادارن جي چيئرمينن خلاف پ پ قيادت وٽ شڪايتن جا انبار لڳي ويا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو پرڳڻي   جي سمورن مڪاني ادارن جي چيئرمينن کان هڪ سال دوران ڪيل خرچن، ملازمن جي پگھارن، ملندڙ بجيٽ سميت ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ گھرائي ورتي آهي. ان حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو سمورن چيئرمينن کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ سال دوران  مڪاني ادارن  پاران ڪيل خرچن ۽ ملندڙ فنڊن توڙي ٿيل ترقياتي ڪمن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسان  پيپلز پارٽي چيئرمين جي هدايتن تي مڪاني ڪائونسلن ۾ ٿيل خرچن توڙي ڪارڪردگي جي جاچ ڪريون پيا ته جيئن عوام کي رليف ملي.