سنڌ جي “ملالا” جي سار ڪير لھندو..!؟

0
14
سنڌ جي “ملالا” جي سار ڪير لھندو..!؟

 سنڌ ۾ جنهن کي ڏسو، تعليم جي سڌاري جا درس ڏيندو نظر اچي ٿو. هر هنڌ تي ڪيتريون ئي پرائيويٽ اين جي اوز سول سوسائٽي جا هزارين فرد وفاقي توڙي صوبائي سطح تي حڪومتي ڌرين وزيرن مشيرن اعلي آفيسرن پاران سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ ھر ايندڙ ڏينهن نون سرن جا راڳ به الاپيا وڃن ٿا پر جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي ميدان جو سراسري جائزو وٺنداسين تہ اتي رڳو ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچن ٿا. ڪنهن به ضلعي ۾ مڪمل طرح ڪو ڳڻڻ جوڳو تعليمي نظام لاڳو ٿيل ناهي نه ئي ڪو اهڙو ضلعو تعلقو يا ڳوٺ آھي جنهن کي بهتر تعليم جي حوالي سان ڪو ماڊل ڪري پيش ڪري سگهجي، ان سڄي صورتحال جو ذميوار ڪير آھي؟ ان تي بحث ڪرڻ اجايو آھي، ڇو ته هر ذي شعور فرد ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جا ڪارڻ ڪھڙا آھن پر ان هوندي به سنڌ ۾ ڪو فرد انفرادي طور جيڪڏهن سنڌ جي ٻارڙن کي گھٽين ۾ بي يارو مددگار رلندو ۽ اجايو وقت وڃائيندي نظر ايندو ته اهو هڪ آس يا دل ۾ تعليم جو درد کڻي ان کي پڙھائڻ لاء ڪا جاکوڙ ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ حڪومتي سطح تي نه ئي کڻي پر لوڪل ليول تي ان فرد کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ به تعليمي ميدان ۾ ڪنهن جهاد کان گهٽ ناهي هوندو، ڇو ته جهالت خلاف علم جي روشني پکيڙڻ به هڪ قسم جو جهاد ئي هوندو آھي، جڏهن روڊن ۽ گهٽين ۾ اسڪولن کان ٻاهر رلندڙ ٻارن ۾ اگر نياڻين جي تعليم لاء ڪو پاڻ پتوڙي ٿو ته اهو اڃان به وڏو ڪم ليکيو ويندو آھي.

چيو ويندو آھي ته مرد پڙھيو ڄڻ فرد پڙھيو پر عورت پڙھي ته ڄڻ پورو گهر يا معاشرو پڙھي پيو، ڪجھ سال اڳ نياڻين جي تعليم جو درد دل ۾ کڻي سڪرنڊ جي ننڍڙي ڳوٺ علي بخش چوهاڻ ۾ هڪ نياڻي فاطمه لقمان چوهاڻ پنهنجي ٻن ڪمرن جي ننڍڙي ڪکائين گهر ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ اسڪول جوڙيو هو، جنهن ۾ هن نياڻين کي مفت تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي پنهنجي محنت وسيلي ايتري ڪامياب ٿي وئي جو ان جي گهر ۾ قائم ٿيل ان اسڪول جي هاڪ پري پري تائين هلي وئي. فاطمه جي ان گهر واري اسڪول ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لڳيون، جيڪي پڙھي اڳتي وڌي رهيون هيون. سڪرنڊ جھڙي ننڍڙي شھر جي نياڻي فاطمه لقمان ايتري ته مشھور ٿي وئي جو تعليم ڏيڻ جي جذبي سبب هوءَ سنڌ جي ملالا سڏجڻ لڳي. سڄي سنڌ مان ان کي باشعور ماڻھن سلام پيش پئي ڪيا مقامي سطح جي ڪجھ سرندي وارن ماڻھن، سياسي سماجي ڌرين به ان اسڪول جا دورا ڪري کيس هر طرح جي تعاون جو يقين به ڏياريو هو. هوءَ پنهنجي محنت ۽ ڪاميابيءَ تي ڏاڍي خوش ھئي پر غربت ۽ وسيلا نه هئڻ سبب پنهنجي پورهيت مڙس فقير لقمان چوهاڻ کي پريشان ڏسي مايوس به ٿي ويندي هئي، جنهن ان اسڪول کي هلائڻ ۾ ڪتابن پينسلن بورڊ فرنيچر هٿ ڪرڻ ۾ سندس پورو پورو ساٿ به ڏنو هو، سنڌ جي ملالا فاطمه لقمان جيڪا پاڻ پڙھيل لکيل هئڻ سبب ڳوٺ جي نياڻين کي هن اڻپڙھيل ڏسڻ نه پئي چاهيو پر مسڪيني حال ۽ گهر جي اندر قائم اسڪول سبب ڪيترن ئي مسئلن کيس سوچڻ تي مجبور به ڪيو پر هن وري مايوس ٿيڻ بجاءِ نياڻين کي نه رڳو دنياوي تعليم ڏني پر هوءَ انهن نياڻين کي ديني تعليم جھڙي زيور سان پڻ مالا مال ڪري ان اميد سان اڳتي وڌي رهي هئي ته هوءَ جيڪا شمع ٻاري اڳتي وڌي آھي، ان سان معاشري جا ٻيا به تعليم جو درد رکندڙ باشعور ماڻھو ضرور شامل ٿيندا پر افسوس جو جيڪي ماڻھو سندس اسڪول جون تعريفون ڪندا هئا جن پاڪستان جي اليڪٽرونڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي فاطمه لقمان جي ساٿ جا وڏا وڏا واعدا ڪيا، سي سڀ بي عمل ثابت ٿيا. سڀئي هن نياڻي کي وساري ويٺا، ڪجھ وقت جي سهائتا کان پوءِ هر ڪو هن نياڻي جي خوابن کي ساڀيان ڏئي نه سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت گهراڻي جي نياڻي سنڌ جي ملالا جو لقب ماڻيندڙ نياڻي فاطمه لقمان چوهاڻ غربت سبب بي وس بنجي مايوس ٿي هڪ سؤ کان وڌيڪ نياڻين کي تعليم ڏيندڙ اسڪول آلين اکين ۽ دل جي تھ خاني ۾ هزارين ارمانن جا بار رکي نياڻين جو اهو هلندڙ اسڪول به بند ڪري ڇڏيو، هڪ نياڻي پاران سوين اميدن سان کوليل پنهنجي مدد پاڻ تحت ان اسڪول کي بند ٿئي ھڪ سال جو عرصو ٿيڻ وارو آھي پر ڪنهن به وري هن اسڪول بابت ان نياڻي وٽ اچي پڇا ناهي ڪئي، جيڪا وڏي افسوس جي ڳالھ پڻ آھي. سڪرنڊ جيڪو شھيد بينظيرآباد ضلعي جو تاريخي شھر آھي، ان ئي ضلعي سان تعلق رکندڙ هن وقت پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ جي صدارت جي منصب تي ويٺل آھي، جڏهن ته سڪرنڊ جي هن ئي تڪ سان تعلق رکندڙ ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاھ ملڪ جي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر پڻ آھي. انهن سميت پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر صاحبه، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، تعليم جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين کي همدردانه اپيل ڪجي ٿي ته سنڌ جي نياڻين جي تعليم جي بهتري لاءِ سنڌ جي ملالا کي مايوسين کان بچائي سوين نياڻين جي تعليم جو ھلندڙ ٻيڙو ٻڏڻ کان بچايو وڃي. فاطمه لقمان جي محنتن ۽ سندس تعليم کي ڏسي بنا ڪنهن متڀيد جي هن جي مٿي تي هٿ رکي خصوصي انتظامن وسيلي کيس سرڪاري طور استاد ڀرتي ڪري سڪرنڊ شھر جي ڀرسان ننڍڙي ڳوٺ علي بخش چوهاڻ سميت آسپاس جي ڳوٺن جي سوين نياڻين جي تعليم بچائي وڃي. ضلعي ۽ تعلقي جي ايجوڪيشن آفيسرن کان وزٽ ڪرائي کيس هنگامي بنيادن تي ٻن ڪمرن جو سرڪاري اسڪول پڻ ٺھرائي ان کي چؤديواري ڏياري فاطمه لقمان کي ان اسڪول ۾ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي تعليم جو حقيقي درد رکندڙ فاطمه لقمان نه رڳو عام تعليم ڏئي سگهي پر هوءَ نياڻين کي ديني تعليم جھڙي زيور سان به مالا مال ڪري سنڌ نياڻين کي پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو استعمال ڪري ملڪ جو بهترين فرد بڻائي سگهي ۽ سنڌ جي ملالا به تعليم جي ڏٺل خواب جي ساڀيان ماڻي مايوسين کان بچي پوي.