ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا،  پريالوءِ شاخ جون چونڊون رابطا سيڪريٽري رحيم داد جوڳي جي نگرانيءَ ۾ ٿيون، جنھن ۾ سعيد سنڌي سيڪريٽري، مزمل نقوي جوائنٽ سيڪريٽري، استاد ڪندن لال خزانچي، ھريش ڌوميجا آڊيٽر ۽ رفيق ڪنڌر کي ڪائونسلر چونڊيو ويو، لکي غلام شاھ ۾ مهر عبيد سيڪريٽري، جيئند مھر ڪائونسلر، اشرف مهر جوائنٽ سيڪريٽري، نبي بخش مھر آڊيٽر، شاڪر امر خزانچي چونڊيا ويا، ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ اياز مهر، پريمي وقار مهر،ناز نصر الله مهر کي چونڊيو ويو، باڊھه ۾ سيڪريٽري اقبال کوکر، جوائنٽ سيڪريٽري خادم ٻگهيو، خزانچي سارنگ امر، آڊيٽر قربان پنهور ۽ ڪائونسلر زاهد منگي چونڊجي آيا، جڏهن ته ڪاروباري ڪميٽيءَ جي لاءِ علي رضا نوناري ۽ ياسر منگي کي چونڊيو ويو، ٽنڊوباگو ۾ سيڪريٽري  شاهجهان سمون، جوائنٽ سيڪريٽري فراق ھاليپوٽو، ڪائونسلر سچل ھاليپوٽو، آڊيٽر فيض اڍيجو، خزانچي يعقوب ميمڻ ۽ ٻيا عهديدار چونڊيا ويا.