سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تيز برسات، رستن تي پاڻي بيھجي ويو

0
177
ڪراچي سميت سنڌ جي

ڪراچي(ن پ ا) ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات کاپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي.

ڪراچي جي علائقي ملير، گلستان جوهر، سپر هاءِ وي، ايئرپورٽ،  سرجاني ٽائون، لانڍي،  ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات.

صدر، آئي آئي چندريگر روڊ، پي آء ڊي سي روڊ سميت ٻين علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات پوڻ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو.

ٻئي پاسي گھارو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ زوردار برسات پوڻ سان گرمي جي شدت ۾ ڪمي اچي وئي ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.

موسيمات کاتي جو چوڻ مينهن وسائڻ وارو سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿيل آهي، ڪراچي، لاڙڪاڻي، ٺٽي، ٿر ۽ ٻين علائقن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.