اسلام آباد/سکر(نمائندن وٽان) تربيلا ڊيم ۽ چشما ڍنڍ ڊيڊ ليول تي پهچڻ کان پوءِ ارسا سنڌ ۽ پنجاب کي 48 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي جي فراهمي جي تصديق ڪري ڇڏي، سنڌ کي ملندڙ 85  هزار ڪيوسڪ ۾ به 20 هزار ڪيوسڪ جو ڪٽ لڳائي 65 هزار ڪيوسڪ فراهمي، سنڌ جي بئراجن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪرڻ جو امڪان، گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن اندر 5000 ڪيوسڪ لاٿ، 24 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج وٽ به پاڻيءَ ۾ لاٿ اچي ويندي. تفصيل موجب گذريل هفتي کان تربيلا ڊيم بدستور ڊيڊ ليول تي برقرار آھي، چشما ڍنڍ به گذريل ٻن ڏينهن کان ڊيڊ ليول تي پهتل آھي، جنهن ڪري ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ انتهائي شديد ٿي وئي، جنهن بعد ارسا ٽي رخي فارمولي تحت سنڌ ۽ پنجاب کي پاڻي فراهمي ۾ غيرمعمولي گهٽتائي ڪري ڇڏي آھي، ارسا ترجمان پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪندي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب کي 48 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي جي فراهمي شروع ٿي وئي آھي، سنڌ کي هاڻي 85 هزار ڪيوسڪ جي ٿيندڙ فراهمي گهٽ ڪري 65 هزار ڪيوسڪ تي آندي وئي آھي پنجاب کي به 65 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبي کي بنا کوٽ جي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، بلوچستان کي 12 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته ڪي پي ڪي کي 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي  ارسا ترجمان مطابق سنڌ کي 65 هزار ۽ بلوچستان کي 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آھي جيڪو پاڻي مجموعي طور تي 77 هزار ڪيوسڪ ٿئي ٿو پر تونسا بئراج جو هيٺيون وهڪرو ڪالھه 74 هزار 704 ڪيو سڪ هيو جنهن جو مطلب ته ارسا جنهن 48 سيڪڙو کوٽ سان گڏ سنڌ کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آھي ان کان به 2296 ڪيوسڪس پاڻي گهٽ ڇڏيو پيو وڃي،  ٻئي طرف ڪالھه تربيلا ۾ پاڻي جي آمد ۾ بهتري آئي آھي، پاڻي آمد وڌي 75500 ڪيوسڪ ۽ کڻت 74700 ڪيوسڪ رهي، چشما ڍنڍ به گذريل ٻن ڏينهن کان بدستور ڊيڊ ليول تي آھي، ڪالھه ڪابل ۾ پاڻي جي آمد ۾ بهتري آئي آھي ڪابل ۾ پاڻي جي آمد 23200 ڪيوسڪ مان وڌي 28500 ڪيوسڪ ٿي وئي آھي، جڏهن ته سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻيءَ وھڪرن جي ڪجھه ڏينھن بھتري بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر لاٿ اچڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو، آبپاشي ماھرن موجب ملڪ جي مٿانھن علائقن ۾ برسات نه پوڻ سبب ايندڙ ڏھاڙن ۾ سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري سگھي ٿي، گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن اندر پاڻي وھڪرن ۾ 5 هزار ڪيوسڪ جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آھي، جنھن کانپوءِ گڊو بئراج وٽ ھن وقت پاڻي کوٽ 53.4 سيڪڙو ٿي وئي، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج وٽ به پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ اچي ويندي، سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 19.15 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 57هزار 25 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 21هزار510 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي گهرج 43 هزار 800 ڪيوسڪ آهي، بئراج مان نڪرندڙ ڇھن ڪئنالن ۾ 35 هزار 515 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي. جڏھن ته رائيس ڪئنال ھن وقت تائين بند آھي، اھڙي طرح هڪ هفتي کان تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهتل آھي، چشما ڍنڍ وٽ به 48 ڪلاڪن کان پانڊ ڊيڊ ليول تي پهتل آھي، هڪ هفتي ۾ چشما ڍنڍ وٽ پاڻي وهڪرا هڪ لک 22 هزار مان گهٽجي 75 هزار ڪيوسڪ رهجي ويا. هوڏانهن  سنڌ جي آبپاشي کاتي جي عملدار جو چوڻ آھي ته سنڌ جي بئراجن تي پاڻي کوٽ وڌيڪ شديد ٿيڻ جو امڪان آھي، هفتي کان تربيلا ۽ گذريل 48 ڪلاڪن کان چشما ڊيڊ ليول تي آھي، چشما بئراج تان پاڻي فراهمي 122000 ڪيوسڪ کان گهٽ ٿي 75000 ڪيوسڪ ٿي وئي آھي.