سنڌ جو ڀائو- زلف پيرزادو جو وڇوڙو: سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش

0
96
سنڌ جو ڀائو- زلف پيرزادو جو وڇوڙو: سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش
سنڌ جو ڀائو- زلف پيرزادو جو وڇوڙو: سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش

 سينئر صحافي ڀائو زلف پيرزادو جي وڇوڙي تي سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان حوالي سان جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بيحد ڏک ٿيو

پياري زلف جي وڇوڙي جو، ھڪ سچو، کَرو، نبار، محبتي ۽ دلبر دوست ۽ انسان. ھن ۾ ڪڏھن به منفيت، منافقت، تنگ نظري نظر نه آئي، گهٽ ڳالهائيندڙ، گهرو سوچيندڙ، محبتون ونڊيندڙ آدرشي انسان جو وڇوڙو دل جهوريندڙ آهي، کڻي دير سان ملبو هو پر سئوٽ سان ملڻ وقت موڪلائبو هو ته چئبو ته سدائين گڏ، هاڻي ته ايئن به نه چئي سگهبو، زلف ڊگهي سوچ ۾ اَلوپ ٿي ويو، اصل ۾ اخبار جو دور ته گم ٿي رهيو آهي پر اهڙن شفاف، باڪردار ۽ اخبار سان صحافت سان دلي پيار ڪندڙ ۽ ان کي پنهنجيون زندگيون ارپيندڙ ڪردار به وڃي رهيا آهن، هو صحافت جي آخرِ شپ جي انهن هم سفر ڪردارن مان هڪ انوکو ڪردار هو ان ڪري مان ادي خالده ۽ ٻارن سان گڏ سنڌي صحافت جي لهندڙ سج سان به دلي تعزيت ڪيان ٿو، اشوٿاما لکيو ته  رشيد راڄڙ کان پوءِ زلف پيرزادو هيو ۽ هاڻي، هنج نه رهيو هيڪڙو،اسد چانڊيو لکيو ته آئون جڏهن ڀڳت ڪنور کان رنڪل تائين لکي رهيو هيس ته ڀائو ذلف کي ٻڌايو، ڀائو ذلف چيو ته هي پوائنٽس به شامل ڪريو، ڀائو ملنگ طبيعت پر سنڌ کان تمام گهڻو واقف هو، جيسراڻي برما لکيو ته تمام پيارو ماڻهو، اسان کان ڏور وڃي آڪاش جي ڪنڊ ۾ سنڌ مٿان ڪنهن وينس وانگي ڪو تارو بڻجي چمڪندو رهندو، اسين پيا ساريندا رهنداسين، جاويد بوزدار لکيو ته آھه….

اسان سڀني جو ڀائو… ڀائو ذلف اسان ۾ نه رھيو… ماجد سمون لکيو ته ڀائو ذلف جي وڇوڙي تي بي حد ڏک پهتو، رفيق ثمر لکيو ته موئن جي دڙي جي ڀٽن جو شھزور ماڻهو ڀائو ذلف پيرزادو اسان کان ھميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي پر اسان جي يادگيرين ۾ هو سدائين جيئرو رھندو ۽ گڏو گڏ صحافت جي دنيا ۾ پڻ سدا حيات رهندو…حريف چانڊيو لکيو ته هو بهترين صحافي هجڻ سان گڏ اسان جو ڪامريڊ به هو، هن جي ڪيل قلمي پورهئي توڙي پنهنجي عوام سان ڪيل پيار واري عمل تي کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو.الطاف پيرزادو لکيو ته ترقي پسند ۽ روشن خيال ٻلھڙيجي چٽي تصوير، سينيئر صحافي ۽ ليکڪ، سڄي عمر قلمي ڪرت سان واڳيل قلمي پورھيت ڀائو زلف، صبح اسان کان، پنھنجي پيارن کان، پنھنجي يارن دوستن کان ڪراچي ۾ وڇڙي ويو، اي بي سومرو لکيو ته لفظ ئي ڪونهن جو لکجي ڀائو لاءِ بس ھو سنڌ ڌرتي جو مان ۽ شان ھو،رزاق سروهي لکيو ته روئڻ سان جي رهن ها سپرين، نيڻين نير نه روڪيان ها، صحافت جا اهي خوبصورت ڏهاڙا جن ۾ اسان هڪ نظرئي کي ذهن ۾ رکي ف م لاشاري، سهيل سانگي ۽ انور پيرزادي جهڙن سنڌ دوست شخصيتن جي سرپرستي ۾ صحافت جي الف ب سکڻ شروع ڪئي هئي ان سفر جي ابتدائي قافلي ۾ جيڪي مخلص، محبتي ۽ ايماندار انقلابي ماڻهو مليا انهن مان ڀائو زلف پيرزادو به هڪ هو

مهين جي دڙي جي مٽي جو ماڻهو، لطيف جي پيغام جو پرچارڪ، انسان دوستي ۽ روشن خيالي جي رنگ ۾ رڱيل زلف پيرزادو، سندس ڪٽنب، ڀائر سهيل، جميل، سليم، فهيم ۽ ٻيا منهنجي مائٽن جيان ويجها بڻجي ويا. اسان جي گهرن جون بيٺڪون گڏيل دلچسپي ترقي پسند سياست، صحافت ۽ موسيقي جهڙن موضوعن جو ٿاڪ بڻجي ويون. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران جوهي جي سومرا فئملي به اسان جي محبت جي دائري ۾ داخل ٿي وئي. وقت بدليو، ملازمتون، ادارا ۽ شهر بدليا ته هرڪو الڳ ضرور ٿيو پر اسين جتي ۽ جيئن به هئاسين پيار ۽ تعلق جي تند هميشه ڳنڍيل رهي. 80 جي  ڏهاڪي ۾ زلف پيرزادو انقلابي گيتن کي جديد انداز ۾ ڳائڻ واري وائيسز گروپ جو به حصو بڻيو، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، تعمير سنڌ، الک، خبرين ۽ وري عوامي آواز جو حصو رهيو. زلف جو ٻيو گهر اسان جي سکيا جو ماءُ جهڙو اخباري ادارو عوامي آواز رهيو. هو صاف سٿرو، ايماندار۽ خوددار  صحافي هو. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شادي جي تقريب ۾ ملياسين ته نويڪلي ڪچهري لاءِ وقت ڪڍڻ جو چيائين واعدو ڪيومانس ته ڪا ڪچهري رکون ٿا. هن جي زندگي پنهنجي چئن سلڇڻين ۽ سدورين نياڻين ۽ سڪيلڌي عبدالرحيم کي ارپيل هئي. پريس ڪلب ۾ سنگت سان ملي دير مدار سان به گهر ئي پهچندو هو. اڄ جڏهن اوچتو صبح جو سوير فون تي سندس لاڏاڻي جي خبر  ملي ته ڪنهن نويڪلي ڪچهري لاءِ وقت رکڻ واري سندس جملي، تازي ٿيل ملاقات جي عڪس ۽ ٽهڪن جي ياد منهنجو جيءُ جهوري وڌو

اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي پيا.ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته هي اوچتو ڇا ٿي ويو. هو ته هشاش بشاش هو، هاڻ ته صحت به اڳي کان بهتر هئس پر يار موت کي ڪهڙي ميار؟ موت  ته پيارا ئي پيارن کان جهٽ ڏئي جدا ڪندو رهيو آهي. ڪڙڪيدار آواز وارو، محبتي انسان ۽ سڀني ساٿين کي سئوٽ ۽ ڀائو چئي مخاطب ٿيندڙ مٺڙو ۽  مکڻ ماڻهو زلف پيرزادو هميشه لاءِ ان ديس ڏانهن اڏامي هليو ويو جتان ڪوئي به واپس ناهي وريو. عجيب اتفاق ته اهو آهي ته ڀائو زلف کي ڄڻ ته خبر هجي ته هو هميشه لاءِ هي جهان ڇڏي رهيو آهي، شايد ان ڪري هن پنهنجي وال تي ڇهه ڪلاڪ اڳ جيجي زرينه جو  گيت شيئر ڪيو ته ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.. الله پاڪ ڀائو زلف جي بخشش فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.ايوب شيخ لکيو ته عوامي آواز ۾ ايڊيٽر ھيس. ھر روز ڀائو زلف سان ملاقات ٿيندي ھئي. ٽنھي ورھين ۾ ھڪ ڀيرو به ڪاپي ۾ ليٽ نه ٿي. ان ڪري ٽيئي سال ڀائوءَ جي ”تڪڙ ڪريو“ نه ٻڌڻي پيئي. شام ٿيندي ئي سندس ڊيوٽي شروع ٿيندي ھئي

آڌيءَ جو اخبار پنھنجي منزلن ڏانھن موڪلي وڃي ٿانيڪو ٿيندو ھو. اڄ صبح جو اٿيم. ھن ڪجھه چوڻ کانسواءِ ”تڪڙ“ اھڙي ڪيئي آھي جو سمجھه ۾ ئي نه ٿو اچي. ورثا، سندس وني خالدا، عوامي آواز جي سٿ سان  ڏک ونڊجي ٿو، نثار لغاري لکيو ته پورهيت مزاحمت تحريڪ ڪراچي جي اڳواڻ ڪامريڊ ورثا پيرزادو جي والد سينئير صحافي عوامي آواز جي ڊپٽي نيوز ايڊيٽر  ڪامريڊ زلف پيرزادي جي وڇوڙي تي سندن فيملي  سان سندن ڏک ۾ برابر  شريڪ آھيون، حفيظ ڪنڀر لکيو ته سنڌي صحافت جو يگانو ڪردار، سدا ٻهڪڻو.. ٻهگڻو اسان جو دلبر دوست زلف پيرزادو موڪلائي ويو.. شايد اوڻهين سئو پنجانوي ڇهانوي جو سال ياد پيو اچي جڏهن حيدرآباد  مان سنڌي اخبار روزاني سنڌ  جاري ٿيڻ جا پهريان ڏينهن هئا جيڪا فائونڊر  ۽ مهندار ٽيم هئي ان ۾ زلف پيرزادو به  هو.. زلف صاحب جو ساٿ روزاني سنڌ سان رهيو… عرصي کانپوءِ هن وڃي ڪراچي ۾ عوامي آواز وسائي… اسان جي فزيڪل ملاقات وڃي موبائل فونن جي رابطن جي شڪل اختيار ڪئي ۽ آهستي آهستي اهي رابطا به محدود ٿيندا ويا.. پر سنگت جو سڳو نه ٽٽو ۽ اڄ زلف جي  ساھه جو سڳو ٽٽي ويو. ناقابل يقين منحوس خبر آئي آهي ..سوچيان ويٺو ته اسان اهڙي حشري ۾ اچي ويا آهيون جو ڪنهن دوست جي صحت کان به واقف ڪونه ٿا رهون….زلف کي به خبر  ناهي ڇا ٿيو جو اجل کنڀي کنيو… ۽ هڪ دلبر دوست هليو ويو.اڄ جڏهن پوري ملڪ جي ميڊيا ۾ هزارين ڳوراهون صحافت جي نالي تي ڪاهي پيل آهن اتي ذلف پيرزادو  ان ڪوئلي جي کاڻ ۾ موتي جهڙو ماڻهو هو..  هڪ اهڙو دامن صاف، ايماندار صحافي هو جنهن قلم جي آخري ساهه تائين لڄ رکي..فتاح دائودپوٽو لکيو ته ‘ڪنھن پر روئان پرين کي، روئي نه ڄاڻان’ ڀائو زلف پيرزادو پنهنجو وارو وڄائي، پرانهين پنڌ پانڌي ٿيو. ڀائو زلف به مرحوم و مغفور رشيد راڄڙ واري صحافتي قبيلي جو ڀاتي هيو. مان سوڳوار ڪٽنب کي ‘جيڪو حڪم الله جو’ آڇيان ٿو. سڀني کي وڃڻو آهي، ڪوئي ڪونه رهندو. ڀائو زلف، اسانجو گڏيل ساٿي هيو. ڏک سک جو حال ڀائي هيو

اسانجو پاڻ ۾ سالن کان ڳانڍاپو سياست ۽ صحافت سميت ڀٽائي ۽ راڳ جو ھانڍو هيو. منهنجو رب سندس جا درجا بلند رکندو.غوث پيرزادو لکيو ته ڀائو زلف جي نالي سان ايترو ته مشهور ٿيو جو سندس والده به کيس ڀائو سڏيندي هئي هو آدرشي انسان هو انقلاب جي پاداش ۾ جيل به ڪاٽيائين ۽ ميٽرڪ جو امتحان جيل مان ڏنائين سموري زندگي هڪ پورهيت جي زندگي گذاريائين. ڀائو جو وڇوڙو ماري هليو ويو آهي عنايت پيرزادو لکيو ته ڀاو زلف کي مسلسل جدوجھد جو نالو چئي سگھجي ٿو، ھن  زندگي جا ڪيترا لاھا چاڙھا ڏٺا،  چار ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو سنڌي صحافت کي ڏنو،  شاگردي جي دور ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن رھيو، عوامي حقن لاءِ جدوجھد جي ڏوھه ۾ ٻه ڀيرا جيل جون سختيون ڀوڳيون، ڀائو زلف عوامي آواز، خبرون ۽ الک سميت درجنين سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو، ھن وقت ڀائو ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ پي ايف يو جي جو ميمبر پڻ ھو، محمد علي پٺاڻ لکيو ته ھو پنھنجي مزاج ۾ بيحد ئي ٻاجهارو ۽ انسان دوست شخص ھو. با اصولي واري دڳ تي آخري دم تائين گامزن رھيو. قلم جي حرمت رکڻ سبب غربت جي زندگيءَ مان نڪري نه سگهيو. مايوس حالتن ۾ به وڏا وڏا ٽھڪ سندس چھري جي تازگيءَ جي خاص سڃاڻپ رھيا.فاروق سومرو لکيو ته ٻه ڏينھن اڳ ته وڊيو ڪال تي ڪچھري ٿي ھئي.چيائين مھيش اڳ لفٽ نه ڪرائيندو ھو تون کيس اڪيلو ڪري ويو آھين ته ھاڻي اسان کي گھرائي ڪچهريون ٿو ڪري.يار زلف تون اھي سڀ ڪچهريون ڇڏي سڀني کي اڪيلو ڪري ھليو  وئين.منصور نثار لکيو ته سنڌ جو ڀائو- ڀائو زلف، ڀائو تون اڄ لاشاري کي روئارين پيو، سدائين ٽهڪ ڏياريا اٿئي…. سدائين ڀرجهلو بڻيو آهين، اڄ اڪيلو ڪيون پيو وڃين، پنهنجي تن تان ڪپڙو لاهي ڪنهن جو انگ ڍڪڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، ڀائو زلف پيرزادو جو هڪ عمل جيڪو  مثال ۽ تاريخ بڻجي ويو..تقريبن 6 سال اڳ مون اهو سڀ پاڻ ڏٺو، جڏهن اها ڏڪندڙ اداس اکين واري عورت اڪيلي فٽ پاٿ تي موجود هئي ۽ سامهون هزارين ماڻهو ڪلچر ڊي تي ٽوپي اجرڪ پائي جهمريون هڻندا پئي ويا ان وقت ڀائو زلف وڃي ڪري ان کي پنهنجو اجرڪ پارايو، تمام متاثر ڪندڙ ۽ سبق ڏيندڙ عمل

پنهنجي خوشين ۾ ٻين کي به شامل ڪريو، ٻين جي دردن ۾ ڀائيوار بڻجو، سهارو بڻجو…..ڀائو صحافت ۾ ڪيترن ئي ورڪرن جو سهارو پڻ هو. مراد پندراڻي لکيو ته تمام پيارو انسان ۽ صحافت جي دنيا اندر جاکوڙي ڪردار ڀائو زلف پيرزادو به اسان کان وڇڙي ويو. ذولفي راڄپر لکيو ته پياري دوست ۽ ترقي پسند صحافي زلف پيرزادو جي اوچتي وڇوڙي تي انتهائي گهڻو صدمو رسيو آهي، منير مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سموري زندگي سچائي،ايمانداري ۽ ديانتداري سان صحافتي فرض نڀائيندڙ، ڪميٽڊ جرنلسٽ ڀائو ذلف پيرزادو جي وڇوڙي تي گھري ڏک جو اظھار ڪجي ٿو، زبير احمد،افشان عثمان خاصخيلي، مرڪ منان، سيرت آسيه بلوچ، انو سولنگي، حميد سنڌو، عزيز راج، حيدر جوڻيجو، حبيب جمالي، غازي بجير، جويو سارنگ، برڪت جهنڊير، ايڊووڪيٽ ماروي ڪلهوڙو، حسن پٺاڻ، اي بي سومرو، فدا چانڊيو، ماڻڪ ڪنگراڻي، فضل محمد، رزاق عاصي، سرمد ادل سولنگي ۽ ٻين به ڀائو زلف پيرزادو جون ساروڻيون ساريندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي