سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سردار ممتاز علي ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو!

0
365

لاڙڪاڻو/ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سردار ممتاز علي ڀٽو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڊگهي عرصي کان بيمار هو ۽ ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. سردار ممتاز ڀٽي جي ميت ڪراچي کان لاڙڪاڻي منتقل ڪئي پئي وڃي. ممتاز ڀٽو 29 نومبر 1934 لاڙڪاڻي ڀرسان ميرپور ڀٽو ۾ ڄائو، هواڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار ڀٽو جو ڪزن ۽ ويجهو ساٿي هو. ممتاز ڀٽو 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو، هو ڪجهه وقت کان دل جي عارضي ۽ ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا هو