سنڌ جو اڳوڻو ايم پي اي ڪريم بخش گبول مسلم ليگ نون ۾ شامل

0
108
سنڌ جو اڳوڻو ايم پي اي ڪريم بخش گبول مسلم ليگ نون ۾ شامل
سنڌ جو اڳوڻو ايم پي اي ڪريم بخش گبول مسلم ليگ نون ۾ شامل

ڪراچي: سنڌ جو اڳوڻو ايم پي اي ڪريم بخش گبول مسلم ليگ نون ۾ شامل ٿي ويو

ڪريم بخش گبول ڪراچي ۾ نون ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

 ملاقات دوران سينيٽر نهال هاشمي ۽ ٻيا به موجود هئا، ڪريم بخش گبول 2018 جي چونڊن ۾ صوبائي تڪ پي ايس 100 ڪراچي اوڀر مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو هو

 ڪريم بخش گبول بعد ۾ پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا، نون ليگ سنڌ جو چوڻ آهي ته ڪريم بخش گبول ايندڙ چونڊ مسلم ليگ نون جي ٽڪيٽ تي وڙهندو