ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري انڪشاف ڪيو آھي ته بايو ميٽرڪ باوجود صوبي جا 4533 استاد ڊيوٽين تان غير حاضر (گوسڙو) ۽ هزارين اسڪول 10 سالن کان بند پيل آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ شاگردن کي 16 سالن تائين مفت تعليم ڏيڻ واري ڪيس ۾ رپورٽ پيش ڪندي هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ 40 هزار 529 اسڪول آهن، جن مان 6407 اسڪول ڇت کانسواءِ ( شيلٽر ليس ) آھن، انهن اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا گهٽ آهي، مٿان وري  استاد به انهن ِ اسڪولن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهن، هن چيو ته موجوده سالياني اسڪيمن ۾ 6 سئو 22 اسڪول تعمير / مرمت هيٺ آهن، ايندڙ 5 سالن ۾ وڌيڪ اسڪول ٺاهيا ويندا، هن چيو ته 35487 پرائمري ۽ 16180 جي ايس ٽي استادن جي ڀرتي جو عمل آخري مرحلي ۾ آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي، جنهن سبب ڪيترا ٻار اسڪول ڇڏي ويا آهن، عدالتن ۾ ڪيس التوا ۾ هجڻ سبب فرنيچر خريد نه ٿي سگهيو آھي، هن چيو ته غير حاضر استادن خلاف ڪارروائي 4 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، ھينئر تائين 77 استادن کي برطرف ۽ 222 خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ايندڙ سال 900 اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته  پرڳڻي جا اڪثر ضلعي ايجوڪيشن آفيسر ( ڊي اي اوز)  پنهنجي پوسٽ جي معيار تي پورا نه ٿا لھن.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پرڳڻي ۾ تعليمي سڌارن، مفت تعليم، سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي،  جنهن  دوران چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا، عدالت سنڌ حڪومت کان مفت تعليم يقيني بڻائڻ لاءِ ايڪشن پلان طلب ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته صوبي ۾ 5 کان 16 سالن جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ  ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون؟ عدالت وڌيڪ چيو ته  ٻارن کي اهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن والدين ٻارن کي اسڪول موڪلين، عدالت اهو به سوال اٿاريو ته  سهولتون هجڻ باوجود پنهنجن ٻارن کي اسڪول نه موڪليندڙ والدين خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿيندي؟  عدالت چيف سيڪريٽري کان ٻن هفتن ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، هوڏانهن درخواست گذار جي وڪيل نجيب جمالي جو چوڻ هو  ته مفت تعليم واري 2013ع  جي ايڪٽ تي اڃا تائين عمل ناھي ٿيو ، ٻارڙن کي مفت ۽ معياري تعليم فراھم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي.