سنڌ جا انمول هيرا

0
148
سنڌ جا انمول هيرا

 دوستو ، هي اهي راڳي آهن جيڪي ٻن سببن ڪري ميوزڪ ٽيچر نه ٿي سگهيا عمر جي حد 45 سال ۽ ميٽرڪ پاس نه هجڻ ، هنن مان ڪجھه مڊل پاس ته ڪي وري 50 سال عمر جي ڪري رهجي ويا ۽ ڪن ته اپلاءِ به نه ڪيو

                         جڏهن ته موسيقي کي هنن عمر ڏئي ڇڏي آهي ۽ هنن مان ڪجھه استاد راڳي اهڙا به آهن جيڪي مينٽور طور پڻ رکي سگهجن پيا جنهن سان نوجوان راڳين کي پڻ سکيا جو روز جي بنياد تي موقعو ۽ تجربو ملي ها جڏهن ته اڃا لڳ ڀڳ 400 سيٽون خالي آهن اميد ڪجي ٿي اڳتي آئين ۾ عمر جي ۽ تعليم جي ترميم ڪئي ويندي ڇو ته 30 يا 35 سال اڳ مسڪين ماڻهو مڊل پاس کي به گريجوئيشن سمجهندا ها انڪري سندن سان رعايت ڪئي وڃي

يا وري ائين ٿيڻ گهرجي ته اڳتي جيڪي ڪلچرل ايونٽ يا ڪلچرل ورلڊ ٽوئر ٿين ته انهن راڳين کي موقعو ڏنو وڃي جن کي نوڪري نه ملي سگهي ڇو ته جيڪي ميوزڪ ٽيچر ٿيا آهن سندن پگهار جي سپورٽ ھوندي ۽ انهن کي اين او سي وغيره يا موڪلن جا مسئلا اڳتي هلي ڪري درپيش ايندا جنهن ڪري اهي راڳي جيڪي سينيئر هوندي به سليڪٽ نه ٿي سگهيا انهن جو حق به ٿئي ٿو ته ٻاهرين ملڪن جا يا پاڪستان ۾ ٿيندڙ ايونيٽ جا پروگرام هنن کي ملن

هنن کان علاوه به ڪافي سارا راڳي هوندا جيڪي رهجي ويا هوندا پر منهنجي ذهن ۾ استاد غلام علي سمون ، اقرار وحيد ، استاد امداد سمون ، شوڪت فقير ، ٻالڪ سنڌي ، خادم سمون ۽ وچن سنڌي جهڙن انمول راڳين جا نالا اڀري آيا بهرحال هي سڀ سنڌ جو سرمايو آهن ۽ سالن جا سال محتون ڪري تڪليفون ڏسي ڪري پچي رسي راڳي ٿيا آهن

👈هنن ۾ ڪي ته اهڙا راڳي آهن جن کي ثقافت کاتي ، PTV ۽ RADIO طرفان سرٽيفڪيٽ ۽ مڃتا ايوارڊ مليل آهن

👈جيڪي نوجوان راڳي سليڪٽ ٿي چڪا آهن انهن کي انيڪ ساريون واڌايون ، مولا سندن شاد و آباد رکي ڇو ته 319 راڳي نه بلڪه 319 خاندان خوشحال ٿيا آهن….(ياسر عرفان جو ڪمينٽ)