سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس: پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل معاهدو سنڌ دشمن  قرار

0
195
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس
سنڌ ايڪشن ڪميٽي: قومپرست پارٽيز ۾ مڪاني ۽ جنرل اليڪشن گڏجي وڙهڻ تي اتفاق

ڄامشورو (ن پ ا) ڄامشورو ۾ سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن تي غور ويچار ڪيو ويو

ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين چيو ته پي ڊي، پ پ، ايم ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل معاهدو سنڌ دشمن ڪرار ڏيندي رد ڪيون ٿا

هنن چيو ته جيڪڏهن هن معاهدي تي عمل ڪيو ويندو ته سنڌ ۾ سخت احتجاج ۽ مزاحمت ڪئي ويندي، هنن چيو ته سنڌ ۾ آدمشماري کي بار بار تڪراري جاڻائي سنڌ جي آبادي کي گهٽ ڄاڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي

اڳواڻن چيو ته بلدياتي نظام صوبائي سبجيڪٽ آهي، انهيءَ ۾ وفاق جي مداخلت غير آئيني ۽ غير قانوني آهي

ھي به پڙھندا

اويس قادر شاهه کان وزارت واپس، شرجيل ميمڻ سڀاڻي صوبائي وزير طور حلف کڻندو