ڪوٽڙي (رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران قومي اسيمبلي ۾ صوبن جو زمينون، زخيره ۽ معدني وسيلا ٻين ملڪن کي وڪرو ڪرڻ واري پاس ٿيل بل خلاف ڪراچي ۾ 16 آڪٽوبر تي تاريخي جلسو ڪرائڻ ۽ برسات متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف سڄي سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنر آفيسن اڳيان 23 آگسٽ تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فيصلن موجب 30 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ مرڪزي قيادت سميت احتجاج ڪيو ويندو. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينر ۽ ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ڄامشورو ۾ جي ايم سيد ايڊيفيس ۾ ٿيو،  اجلاس ۾ سنڌ جي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، سيد زين شاھ، رياض چانڊيو، قربان پنهور مسرور حيدر شاه، حيدر شاهاڻي، ديدار شا۾ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس بعد اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ٻڏي رهي آهي، سنڌ جي زراعت مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي،  هزارين گهر ڊهي ويا آهن ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن پر سنڌ سرڪار متاثرن جي سهاتا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام بڻجي چڪي آهي، هنن چيو متاثر ماڻهن لاءِ مليل فنڊ ۾ پڻ حڪومت ۽ ڪامورن ڪرپشن ۽ پنهنجانوازي جي تياري ڪري ورتي آهي،سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ فوري طوري تي ايمرجنسي ڊڪليئر ڪري سڄي سنڌ کي آفت زده قرار ڏنو وڃي. برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن کي ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن تي گهر ٺهرائي انهن کي آباد ڪيو وڃي. عام آبادگارن تي زرعي قرض ۽ سمورا ٽيڪس معاف ڪيا وڃن.  بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، اڳواڻن چيو ته برسات متاثرين جي سروي ڪرائي مري ويل ماڻهن جي وارثن کي جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.