ڪنري (ن پ ا) ڪنري لڳ ڳوٺ سيد علي محمد شاھ چيل بند وٽ سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيد محمد حسن شاھ جي مينيجر عبدالله رند ۽ احمد علي ساند تي ٽريڪٽر تي ايندي جوابدارن مبينا حملو ڪري فائرنگ ڪئي، ھزارين رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري جوابدار فرار ٿي ويا،  حملي سبب مينيجر عبدالله رند ۽ احمد علي ساند زخمي ٿي پيا.  اطلاع تي ميان حاجي محمد حسن شاھ سميت سوين مريد ڪنري ٿاڻي تي پھچي ويا، جنھن بعد مينيجر عبدالله رند جي فرياد تي 6 ڄڻن مشتاق ساند،  علي محمد،  ربڏنو،  مالڪڏنو ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ارادي قتل، جيھڙي، ڦر، موتمار ڌمڪين، جا قلم لڳايا  ويا آھن، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته  شام ڌاري ٻني تان کيڙي ڪري ٽريڪٽر تي واپسي آياسين پئي ته ڄاڻايل جوابدارن کين روڪي مٿن قتل جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪئي. هو ٽريڪٽر تان لٿا ته جوابدارن مٿس لٺين سان حملو ڪري ھزارين روپيا روڪ رقم، موبائل فون سميت ٻيو سامان ڦر ڪري ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا. ڪنري ٿاڻي تي پھتل سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ميان محمد حسن شاھ جو چوڻ ھو ته منھنجي مينيجر ۽ ڊرائيور تي ٻني تان ايندي حملو ڪري ڦر ڪئي وئي جنھن جو ڪيس داخل ڪرايو آھي.