ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي کي جيئن هلايو پيو وڃي ائين هلائڻ ممڪن  نه آهي. نجي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اسان جي پارٽي ۾ نئون آيو آهي، هن سان معاملا حل ٿي ويندا. هن چيو ته سنڌ ۾ معاملا ائين نه ٿا هلي سگهن ۽ ڪراچي کي هن طريقي سان هلائڻ ممڪن نه آهي.