ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي جي مارڪيٽن تي سنڌڙي جو راڄ : خيرپوري چونسو به پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي بازارن ۾ سنڌڙي، دسهري، لنگڙي، انور رٽول کانپوءِ خيرپوري چونسو پهچي ويو آهي، هيل هڪئي وقت مختلف جنسن جا انب وڏي مقدار ۾ پهچڻ  ۽ سخت گرمي سبب انبن جا اگهه ڪنٽرول ۾ رهيا، سنڌڙي اول نمبر  ۽ خيرپوري چونسو 250 رپين تائين پهتا، جڏهن ته باقي جنسون 150 کان 200 رپين ۾ وڪرو ٿينديون رهيون، ڪراچي جا  شهري به انبن جي شوقين نڪتا، اهي ٻين  ميواتن جي ڀيٽ ۾ انبن جي خريداري ڪندي نظر آيا.