سکر (بيورو رپورٽ)  جيستائين نظرياتي طور تي نظم ۽ ضبط موجب ڪو به اديب ڪنھن ڌر سان لاڳاپجي نٿو اھو مزاحمتي ڪردار ادا نٿو ڪري سگھي، سنڌي اديبن جو ماضي ۾ ڪردار شاندار ۽ نھايت مزاحمتي رھيو آھي، مختلف دورن ۾ ھتان جي اديبن پنھنجي مظلوم ۽ محڪوم عوام جي رهنمائي ڪئي آهي، اھڙو اظھار جاڳرتا فورم طرفان سکر پريس ڪلب ۾ مزاحمتي شاعر مختيار گھمري جي ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر غلام رسول گھمري ۽ پروفيسر سرور سيف چيو ته ادب براءِ ادب جي جاءِ تي ادب براءِ زندگي مزاحمتي ادب آھي، دنيا اندر سڀني آيل انقلابن ۾ مزاحمتي ادب جو ڪارج نظر اچي ٿو، سنڌ جي اندر امن قائم ڪرڻ شفاف ۽ انسان دوست سماج جو اڏڻ لازمي امر آھي، ان ۾ اسان جو اديب مک ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو پر ڪري نٿو، ھنن چيو ته معاشرتي تبديلن لاءِ سڀني دوستن جو گڏ ٿي ھلڻ لازم شرط آھي، هنن چيو ته مختيار گھمري ادبي مزاحمت بابت پنھنجا خيال ۽ فڪر پنھنجي شاعري ۾ واضح ڪري ڇڏيو آھي، ھن جي شاعري پڪي ۽ پختي آھي، ورسي تقريب کي مالڪ کوسي، ارشاد پيرزاد، سردار پيرزادو، سچل ڀٽي، پروفيسر منظور بيدار، رئوف پارس، اياز لطيف، گل شير شر، نبن ساکاڻي، خالد بروھي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.