ڪراچي/ لاڙڪاڻو( نمائندن وٽان)  يوٽيوبر ساحل عديم پاران سنڌ جي عورتن خلاف غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪرڻ واري معاملي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي، ان حوالي سان ڪالهه پ پ ايم پي اي ماروي راشدي سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ هڪ قرارداد جمع ڪرائي آهي، قرارداد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ساحل عديم جي تعصباڻي ۽ غيراخلاقي ريمارڪس سبب بحيثيت عورت مون سميت هر عورت جو استحقاق مجروح  ٿيو آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي وڪيل عبدالستار ھليو فورٿ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو آهي ته هڪ خانگي ٽي وي چينل تي ساحل عديم سنڌي قوم خلاف گٿا لفظ ڳالهائي ذات ۽ ٻولي جي بنياد تي لساني جهيڙا ڪرائڻ جي ارادي سان ويڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، عدالت ساحل عديم سميت ٻين ڌرين کي 8 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.