سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف تڪن جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ

0
60
سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف تڪن جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ
سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف تڪن جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ

سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف تڪن جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جاري آهي

سنڌ ۾ گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 18 جي ٻن پولنگ اسٽيشنز تي اڄ ٻيهر ووٽنگ ٿي رهي آهي

خوشاب جي قومي تڪ اين اي 88 جي 26 پولنگس ۽ ڪي پي جي صوبائي تڪ پي ڪي 90 ڪوهاٽ جي هڪ درجن پولنگس تي ٻيهر پولنگ جاري آهي

اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو

ذڪر ڪيل پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙن، بيلٽ باڪس ڦر ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي واقعن سبب پولنگ روڪي وئي هئي

رهيل پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا سامهون اچڻ بعد اليڪشن ڪميشن پاران سمورن 265 قومي تڪن تي ڪامياب اميدوارن جي نالن جو گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو