سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونواهه جي مختلف علائقن ۾ شديد ڪوهيڙو، ٿڌ جي لهر ۾ واڌ

0
271

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونواه جي مختلف علائقن  ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڪار وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي، ٿڌ جي لهر ۾ واڌ اچي وئي آهي

اسلام آباد ۽ پشاور سميت مختلف شهرن ۾ شديد ڪوهڙي سبب شاهراهن تي ٽريفڪ جي اچ وڃ شديد متاثر ٿي رهي آهي، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ڀرياسٽي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب زندگي جو ڪار وهوار سخت متاثر رهيو

ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون، موسيمات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مختلف حصن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهندو