سني ليون جي گاني جا ٻول تبديل ڪرڻ جو اعلان

0
252
سني ليون جي گاني

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سني ليون جو  گانو ”مڌوبن“ رليز ڪندڙ ڪمپني ساريگاما ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي وزير پاران چتاءُ ڏيڻ کانپوءِ گاني جي ٻولن ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش جي وزير نروتم مشرا سني ليون، ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور، شارب ۽ توشي  کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر هن گاني کي واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ هنن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ ڪيس داخل ڪرايو ويندو

ڀارتي عوام اداڪارا سني ليون ۽ ڳائڻي سميت ٻين کان معافي وٺڻ جو به مطالبو ڪيو هو. ان حوالي سان سني ليون جو چوڻ آهي ته اداڪارا جو ڪم رڳو پرفارم ڪرڻ هوندو آهي انڪري ان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ سٺو عمل ناهي، هن چيو ته مون هميشه هندو مذهب جي پوئيواري ڪئي آهي، انڪري ڪنهنجي دل آزاري ٿيڻ نه گهرجي.