سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو ڳوٺ خير محمد لنڊ ڀرسان پنهنجي زمين تي آيل تعليمي ماهر نظير محمد لغاري حملي ۾ شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقه اسپتال سنجهورو منتقل ڪيو ويو، جتي کيس فرسٽ ايڊ ڏئي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، واقعي بابت زخمي نظير محمد لغاري ٻڌايو ته تاڙ ۾ ويٺل پهاڙ لنڊ، فاروق لنڊ، مرتضيٰ لنڊ ۽ مظهر لنڊ حملو ڪري نظير محمد کي زخمي ڪيو، هنن چيو ته بروقت اطلاع باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، هن ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ حر جماعت جي خليفي وريام فقير جي ڪمدار پهاڙ لنڊ کي مون پنهنجي زمين مان واري کڻن کان منع ڪيو پر ان جي باوجود هن نه مڙيو ۽ واري کڻڻ لڳو، مجبور ٿي 25 جون تي سنجهوري ٿاڻي تي اين سي ڪٽرائي، جنهن معاملي تان حملو ڪري زخمي ڪيو ويو، هوڏانهن وڪيل اڳواڻ اختيار چنا ۽ ٻين تعليمي ماهر تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.