سنجهورو (رپورٽ: انيس لغاري) سنجهوري ويجهو يوسي 30 جمڙائو ۾ دم واهه تي ويٺل شادي شده عورت پٺاڻي ڀيل جو لاش هٿ آيو. اڱاري جي صبح جو 10 وڳي فوت ٿيندڙ عورت جي  مبينا آپگهات بابت سندس ور وارثن کي انهيءِ ڏينهن شام جو اطلاع ڪيو. جڏهن ته پوليس کي وري ٻئي ڏينهن اطلاع ڏنو ويو، عورت جي فوت ٿيڻ بابت سندس ور راجو ڀيل جي پوليس کي ڏنل بيان مطابق ته گهر واري گهريلو اڻبڻت تان منهنجي ۽ والد جي گهران نڪرڻ بعد ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آندو. جڏهن ته ان حوالي سان فوت ٿيل عورت پٺاڻي جي والد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهجي نياڻي کي سندس مڙس راجو ڀيل تشدد ڪري قتل ڪيو آھي، سندس منهن ۽ جسم تي تشدد جا نشان آھن، هن چيو ته ڪالهه شام جو منهنجي ڌيءُ جي مڙس راجو ڀيل مونکي فون ڪري چيو ته پٺاڻي گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي ڦاهو کائي ڇڏيو آهي پر جڏهن اسان سندس ڪکائين ڪمري جي حالت ۽ ٽنگيل رسي کي ڏٺو ته ان ڪکائين جهوپڙي ۾ ايتري گنجائش ئي ڪونهي جو ڪير لٽڪي ڦاهو کائي سگهي. هن چيو ته پٺاڻي جي لاش ۽ سندس جسم تي تشدد جا نشان ڏسي اسان کي سئو سيڪڙو يقين ٿي ويو آھي ته سندس مڙس راجو ڀيل کيس تشدد ڪري ماريو آھي. ٽئين طرف اطلاع بعد سنجهورو پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪري ڇڏيو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ۽ ابتدائي جاچ جي حوالي سان سنجهورو پوليس جو چوڻ آھي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر ٻڌايو آھي ته پٺاڻي جي جسم تي ڪنهن به قسم جي تشدد جو نشان ڪونهي.