سنجرچانگ (ن پ ا) سنجرچانگ لڳ چوٿين واٽر تي ڇهن ٻارن جي ماءُ 55 سالا شرميتي گنگا زال روڙو ڪولھي گهر اندر ڇت ۾ لڳل ڪاٺي ۾ اڳٺ ٻڌي مبينا ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي .وارثن جي اطلاع تي سنجرچانگ پوليس سرزمین تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار بعد پوليس ۽ وارثن ۾ ٽن ڪلاڪن جي ڇڪتاڻ جاري رهي، جنهن بعد پوليس لاش کي رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ منتقل ڪيو جتي ليڊي ڊاڪٽر نه ڪري لاش کي سيول اسپتال ٽنڊو الهيار کڻائي وئي جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته وارثن پاران خودڪشي جو ڪارڻ عورت جو ذهني توازن سهي نه هئڻ جو ٻدايو ويو.