لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا جي هڪ ڊزائنر شاگردياڻي دعويٰ ڪئي آهي ته هن پهريون ڀيرو ريسائيڪل پلاسٽڪ مان ونيلا آئس ڪريم تيار ڪئي آهي. ان آئسڪريم کي اڄ تائين ڪنهن به چکيو ناهي پر پر عام طور اهو خيال آهي ته ان جو ذائقو ونيلا  آئسڪريم جهڙو ئي آهي. سينٽ مارٽنز ڊزائن اسڪول ۾ آخري سال جي حصي طور ايلونورا ٽولاني آئسڪريم کي ذائقيدار بڻائڻ لاءِ پلاسٽڪ استعمال ڪيو. ان کي گلٽي فليورز جو نالو ڏنو ويو آهي. ان جو تصور دنيا ۾ وڌندڙ پلاسٽڪ کي ختم ڪرڻ تان پيدا ٿيو. ايلونورا جو چوڻ آهي ته مون سوچيو به نه هو ته پلاسٽڪ مان کائڻ جي ڪا شي تيار ڪري سگهان ٿي.