فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) سنڌ ۾ سمارٽ فون اميدوارن لاءِ مسئلو بڻجي ويا، ورڪ ۾ وڏيون رڪاوٽون، هر هنڌ نوجوان موبائل فون ڪڍي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ لڳا، سياسي اڳواڻ اڪثر طور رات جي وقت ورڪ ۾ رڌل، ايجنٽن پاران نوجوانن کان فون کسڻ جون شڪايتون، پاڪ ڪتاب جي واسطي ووٽ گهرڻ جو سلسلو جاري، فيض گنج پي ايس 29 ۽ اين اي 203 تي جي ڊي اي اميدوارن صدر الدين شاهه پاڻ کي، سندس پٽ اسماعيل شاهه ۽ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ 6 ڏينهن کان ڪئمپ قائم ڪري ورڪ هلائڻ لڳو آهي، جڏهن ته فضل شاهه ۽ شيراز شوڪت راڄپر پڻ ووٽرز وٽ وڃي رهيا آهن، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪردي نه هجڻ ڪري عوام اميدوارن جا پروگرام رکڻ ڇڏي ڏنا آهن، جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ اميدوار چڱن مڙسن معرفت ووٽرز وٽ وڃي پاڪ ڪتاب جا قسم ڏئي ووٽ ڏيڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ اعلان ڪري ٿو ته وري ان ئي ماڻهو وٽ جي ڊي اي وارا پهچي وڃن ٿا جيڪو وري قلابازي کائي جي ڊي اي جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي جي ڊي اي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، اهڙي عجيب ۽ دلچسپ صورتحال ووٽرن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ برسات دوران عوام کي بي يارو مددگار ڇڏڻ سبب مختلف اميدوارن کان سخت پڇاڻو ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي، ذريعن موجب اميدوارن جي رکيل پروگرامن کان اڳ اميدوارن ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ نوجوانن کان سمارٽ فون کسي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏين ٿا، جڏهن ته صحافين کي پڻ دعوت ڏئي نه پيو ڪرايو وڃي، اهڙي صورتحال باوجود پ پ ۽ جي ڊِ اي اميدوارن جي ورڪ جاري آهي.