جده(انٽريسٽنگ نيوز) سعودي عرب جي هڪ عورت ايٿليٽ سمنڊ ۾ گهٽ وقت ۾ 10 ڪلوميٽر ٻيڙي هلائي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ نالو لکرائي ڇڏيو آهي. 2016 جي اولمپڪس ۾ سعودي عرب پاران حصو وٺندڙ پهرين عورت ڪريمان ابوالجدايل ڳاڙهي سمنڊ ۾ 57 منٽ 24 سيڪنڊن ۾ 10 ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪري رڪارڊ قائم ڪيو. ڪريما گنيز بڪ وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سخت گرمي ۽ ٻين سببن هن ڪوشش کي ڏکيو بڻايو، ان ڏينهن سامونڊي چاڙهه گهڻو هو جنهن ڪري ٻيڙي جي رفتار گهٽ ٿي وئي، ٻيڙي کي تيز ڪرڻ لاءِ وڌيڪ زور لڳائڻو پئنجي رهيو هو. هن چيو ته ايمانداري جي ڳالهه آهي ته ڏکيائي ايتري ٿي جو اها ڪوشش ختم ڪرڻ پئي چاهيم پر مضبوط ارادي جي ڪري رڪارڊ قائم ڪيو.