رياض/ اسلام آباد (م ڊ) سعودي ۾ عيد جو چنڊ نظر نه آيو، عيد سڀاڻي ٿيندي، پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب ۾  ڪالهه شوال جو چنڊ نظر نه آيو، جنهن ڪري سعودي ۾ عيد الفطر سومر ڏينهن 2 مئي تي ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان جي موسمياتي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ اڄ پهرين مئي تي چنڊ نظر اچڻ جو امڪان ناهي، عيد الفطر 3 مئي اڱاري ڏينهن ٿيڻ جوامڪان آهي، عيد ۽ چنڊ بابت حتمي اعلان مرڪزي رويت هلال ڪاميٽي ڪندي.