رياض (م ڊ) سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ اڄ ذولحج جو چنڊ ڏٺو ويندو، سعودي  عرب جي سپريم ڪورٽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اڄ ذوالحج جو چنڊ ڏٺو وڃي. سپريم ڪورٽ شهرين کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن چنڊ نظر نه اچي ته پنهنجون شهادتون لاڳاپيل وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرايو.