رياض(انٽريسٽنگ نيوز) هر سال بهار جي مند ۾ سعودي عرب جي اولهندي شهر طائف ۾ جڏهن گلاب ٽڙندا آهن ته ريگستان جو منظر گلابي رنگ ۾ بدلجي ويندو آهي. اپريل جي مهيني ۾ هرسال اهي گلاب جا گل چوندي گڏ ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ انهن مان عرق ۽ عطر ڪڍيو ويندو آهي جنهن سان ڪعبت الله کي غسل ڏنو ويندو آهي. هن سان رمضان جو مهينو گلابن جي چونڊي جي موسم ۾ آيو آهي، هرسال حج ۽ عمري لاءِ سعودي رعب ايندڙ لکين مسلمانن ۾ اهو گلاب جو عطر تمام گهڻو مقبول آهي. طائف کي ان ڪري ئي گلابن جو شهر به چيو ويندو آهي جتي 800 باغ آهن جن مان سالياڻو 30 ڪروڙ گل پيدا ٿيندا آهن، ڪيترن ئي باغن کي هاڻ شهرين لاءِ به کوليو ويو آهي جتي وڃي هو لطف اندوز ٿي سگهن ٿا. اهڙو ئي هڪ باغ بن سلمان نالي سان به آهي جتي هاڻ مزدور روزو رکي گل چونڊيندا آهن پوءِ اهي گل اوٻاريا ويندا آهن ۽ انهن مان رس ڪڍيو ويند آهي. باغ جي مالڪ خلف الطويري ٻڌايو ته گل تيز باهه تي اڌ ڪلاڪ تائين اوٻاريا ويندا آهن ته جيئن انهن جو پاڻي ٻاڦ بڻجي اڏري وڃي ۽ پوءِ انهن کي ٿڌو ڪري عطر ۽ عرق ڪڍيو ويندو آهي ان خالص عطر جي سڀ کان ننڍي شيشي 400 ريال 106 ڊالرن يا ساڍا 16 هزار رپين جي آهي، اهو عطر ڪاسميٽڪ شين ۽ کاچو پچائڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.