رياض (م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سليمان اسرائيل سان لاڳاپا وڌائڻ ۾ اڳڀرائي جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ايٽمي طاقت حاصل ڪئي ته اسين به ڪنداسين. آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ شهزادي محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته ايران طرفان سعودي عرب سان لاڳاپن جي بحالي جي معاملي تي سنجيدا قدم کنيا پيا وڃن. اسرائيل سان سعودي عرب جي لاڳاپن جي حوالي سان سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ طرف اڳڀرائي ٿي رهي آهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اسان ويجهو ايندا پيا وڃون.آمريڪي ٽياڪڙي ۾ ڳالهين جي معطلي جي ترديد ڪندي فلسطين مسئلي کي نظر ۾ رکندي شهزادي محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته اسان لاءِ فلسطين جو معاملو انتهائي اهم آهي، اسان پهريان ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ اسان کي ڏسڻو پوندو ته ان تي ڇا ٿي سگھي ٿو.هن اميد ظاهر ڪئي ته اميد آهي ته اسان ڪنهن اهڙي مقام تائين ضرورت پهچنداسين جنهن سان فلسطينين لاءِ زندگي جون ڏکيايون ڪجهه گھٽجن. سندس چوڻ هوته ايران جيڪڏهن ايٽمي طاقت حاصل ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪئي ته سعودي عرب پڻ ايٽمي هٿيار حاصل ڪندو.