سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير ۽ خوراڪ واري صوبائي وزير جون دعوائون سکڻيون ثابت، سکر واسي سستي اٽي لاءِ پريشان، شھر جي اناج مارڪيٽ سميت مختلف ھنڌن تان سستو اٽو غائب، وپارين کي وڪرو ٿيڻ جو شڪايتون. ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت ڪو تحرڪ نه ورتو. اِن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب پوري سنڌ جيان سکر ۾ به اٽي جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا، ھڪ مھينو اڳ 90 رپيا في ڪلو وڪامجندڙ اٽو ھن وقت 125 روپين کان 140 رپين تائين في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيو آھي. سکر شھر جي اناج مارڪيٽ ۾ ٻن دوڪاندارن وٽ خوراڪ کاتي توڙي ضلعي انتظاميا سستي اٽي جي خريداريءَ جا بينر لڳايا ِتي شھري 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽو خريد ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو ته کيس اٽو نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي واپس موٽايو پيو وڃي. سکر جي رھواسين شبير ميمڻ، رضوان قادري، عتيق ھاشمي، فاروق احمد، شفيع محمد ابڙو ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته حڪومت طرفان سستي اٽي جا لڳايل اسٽال عوام جي لاءِ بي لاڀ بڻيل آھن، اٽو غريب، پورھيت کي ملڻ بجاءِ واپارين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. 650 رپين ۾ 10 ڪلو وارو اٽي جو بيگ منافعي خور واپاري وٺي پيڪنگ تبديل ڪري 1250 رپين کان 1300 ۾ وڪرو ڪري رھيا آھن. وڏي تعداد ۾ عورتون توڙي مرد روزانو جي بنياد تي اٽو خريد ڪرڻ لاءِ پھچني ٿا پر سستي اٽو نه ملڻ سبب مايوس ٿي واپس روانا ٿي وڃن ٿا. ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرول وشنداس تلريجا مطابق سکر شھر، روھڙي، صالح پٽ، پنوعاقل سميت ٻين علائقن ۾ فلور ملز طرفان 152 اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آھن، جِتي روزانو جي بنياد تي 30 ھزار جي لڳ ڀڳ 10 ڪلو وارا ٽي جا بيگ وڪرو ڪيا پيا وڃن، روھڙيءَ ۾ اهڙي قسم جا اسٽال لڳايا ويا آهن. هوڏانهن سکر ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آئي، قريشي چوڪ تي موجوده حڪومت جو علامتي جنازو ڪڍي منفرد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.