سرگوڌا (انٽرسٽنگ نيوز) پنجاب جي شهر سرگوڌا ۾ قربانيءَ کان اڳ جانورن جي سالگره ملهائي وئي. ان قسم جي انوکي ۽ منفرد تقريب سروگوڌا ۾ جانورن جي مالڪ سليم پاران ڪئي وئي، جنهن قرباني کان هڪ ڏينهن اڳ جانورن جي سالگره جا ڪيڪ ڪاٽيا. سليم جي وٿاڻ تي ٻڌل سلطان، شيرو، سونو ۽ مونون نالي جانورن جي سالگره ڌام ڌوم سان ملهائي وئي، جنهن ۾ سليم جي مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن شرڪت ڪئي. جانورن جي سالگره جي موقعي تي سليم ۽ ان جا گھر ڀاتي جتي ڏاڍا خوش هئا، اتي اهي انهن جي وڇڙڻ تي ڏکارا به نظر اچي رهيا هئا. سندن چوڻ هو ته جانورن کان وڇڙڻ جو ڏاڍو ڏک آهي پر سنت ابراهيميءَ تي هر حال ۾ عمل ڪرڻو آهي ۽ اهو اسان جو فرض آهي.