حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ عدالت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ڏنل فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر پير منظور علي، ڊاڪٽر محمد عابد قائمخاني، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر مزمل، ڊاڪٽر محمد علي قائمخاني ۽ ٻين چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران ڪميشن بابت ڏنل فيصلي سان سڀ کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ نرسز متاثر ٿيا آهن. اڳواڻن چيو ته عدالت رڳو هڪ ڌر جون ڳالهيون ٻڌي فيصلو ڏنو آهي جڏهن ته ٻي ڌر کي ٻڌڻ به ضروري هو. فيصلي سان سڄي نظام کي ويڙهيو ويو آهي ان لاءِ پي ايم اي کي عدليا جي ان فيصلي تي سخت خدشا ۽ ڳڻتي آهي. عالمي اداري جي سهڪار سان عورتن جي صحت بابت پروگرام ۾ 2 هزار جي لڳ ڀڳ سي ايم ڊبليو ايس ۽ صحت کاتي ۾ 16 سئو ويڪسينيٽرز سميت پيرا ميڊيڪل عملي کي ڀرتي ڪيو ويو هو پر عدالت انهن کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي. تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي آيل فيصلي سان 2018ع کان ڀرتي ٿيل 17هين گريڊ جا ميل توڙي فيميل ڊاڪٽرز، 18هين گريڊ جا اسپيشل ڪيڊرز ڊاڪٽر به متاثر ٿيا آهن. هنن چيو ته اهڙا فيصلا ٿيا ته پوءِ صحت کاتي جو نظام ڪيئن هلندو. ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا وبا هلي پئي، ان صورتحال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل عملي جي سخت ضرورت آهي. اڳواڻن چيو ته اسان عدليا جو احترام ڪريون ٿا پر اهڙن فيصلن سان عوام جو ادارن تان ويساهه کڄي ويندو. ڪرپٽ نظام تي ڪنٽرول عدليا بنا ناممڪن آهي پر اهڙن فيصلن سان ڪرپٽ نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري، متاثر ڊاڪٽرن کي خاطري ڪرائي وڃي ته کين نوڪرين تان فارغ نه ڪيو ويندو. پي ايم اي سنڌ فيصلو ڪيو آهي ته اڄ کان سنڌ جو سمورو ميڊيڪل اسٽاف پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتي فيصلي خلاف ان وقت تائين احتجاج رهندو جيستائين سندن مسئلو حل نه ٿو ٿئي. پي ايم اي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد پاران جاري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرز بيروزگاري کان بچي سگهن.