سرحد (ن پ ا) سرحد ڀرسان ڪارو گهٽ وٽ موچي برادريءَ جي شادي ۾ آيل رڪ فارم واسي فيملي شادي کان واپس وڃي رهي هئي ته ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪرڻ دوران پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي ڪار مٿان چڙهي وئي، جنهن جي  نتيجي ۾ ھڪ عورت تاجل ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻه معصوم ٻار حماد، نصيب الله ۽ ڊرائيور خير محمد لانگاهه سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ايمبولينس ذريعي گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان وارث عورت جو مڙهه اباڻي ڳوٺ رڪ فارم کڻائي ويا، زخمي ٻارڙن ۽ ڊرائيور جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.