فريدآباد/ دادو (نمائندن وٽان) سخت گرمي: مختلف شهرن ۾ 2 ڄڻا فوت، 1203 مريض اسپتال ڀيڙا، ان ڏس ۾  فريدآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرمي،  2 ڄڻا فوت، 3 ڄڻا بيهوش، ڳوٺ سيلرا واسي مھراب سيلرو ھيٽ اسٽروڪ جي ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ سيدپور واسي بيماري جي بستري تي پيل امام الدين چانڊيو پڻ گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.ٻي طرف ڏينهن لڳڻ سبب ٽائيم نيوز فريدآباد ڪيميرا مين سينگار چانڊيو، ٽريڪٽر ڊرائيور علي اڪبر چانڊيو ھيٽ اسٽروڪ سبب بيھوش ٿي ڪري پيا جن کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻي طرف  دادو ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ بجلي جي ڊگهي  لوڊشيڊنگ شهرين  جو ساھ مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، هيٽ اسٽوڪ ، تيز بخار ، جسم ۾ ساڻائي ۽ ڊائريا سبب ابراهيم لغاري. سڪندر پنهور ، اختر لغاري ، عبدالنبي کوسو ، الطاف لنڊ ، وسيم چنو ، صدام قمبراڻي سميت 1200 ماڻهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، ، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ بيڊ کٽي ويا، هڪ هڪ بيڊ تي 3 کان 4 مريض داخل ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي مريضن کي ڊرپون هٿن ۾ پڪڙائي گهرن ۾ لڳرائڻ لاءِ   واپس موڪليو ويو.  ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر اظهر ٻڌايو ته شام جو 5  وڳي  کان هن وقت تائين 1200، مريض داخل ڪيا آهن، هيٽ اسٽوڪ ، تيز بخار ۽ ڊائريا ۾ ايندڙ مريضن کي علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ٻئي طرف داخل مريضن چيو ته اسپتال ۾ بسترا ناهن،  هڪ بيڊ تي 3/3 ڄڻا داخل آهيون .