نيويارڪ(دلچسپ نيوز)سج کي ڇُهندڙ پهرين خلائي جهاز پارڪر انڪشاف ڪيو آهي ته سج جي فضا لاڳيتو هموار ناهي ۽ ان ۾ لاها چاڙها آهن. ٻئي پاسي ان تيز شمسي جهڪڙي جي هڪ سورس جو به اشارو ڏنو آهي جنهنکي سوئچ بيڪس چيو ويندو آهي ۽ ٻيو اهو ته هڪ طرح جو جعلي فضائي اسٽريمر دريافت ڪيو ويو آهي جنهن کي سوڊواسٽريمر سڏيو ويو آهي.سوئچ بيڪس چارج ٿيندڙ ذرڙن جو هڪ ميڙاڪو آهي جيڪو سج تي زگ زيگ جي صورت ۾ سفر ڪندو آهي.